ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) لوڪل گورنمينٽ، رورل ڊولپمينٽ اينڊ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سنڌ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه اڄ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايم ڊي اي) جي هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ايم ڊي اي جو ڊائريڪٽر جنرل حاجي احمد ۽ ٻيا سينيئر آفيسر پڻ موجود هئا ان موقعي تي اجلاس ۾ هن هدايت ڏني ته ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي زمينن تان غير قانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته قانون ۽ قاعدن کان ٻاهر ڪم ڪندڙ آفيسرن کان سخت پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي عوام آڏو جوابده آهي ۽ اسان کي هر صورت ۾ عوام جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن هدايت ڪئي ته ڪنهن به قسم جي غير قانوني قبضي ۽ آبادگاري جي اجازت نه ڏني وڃي. هر آبادي جو سيٽلائيٽ رڪارڊ چيڪ ڪيو وڃي ۽ هر غير قانوني قبضي ۽ غير قانوني آبادگاري خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ايندڙ هفتي کان ان سلسلي ۾ سخت آپريشن ۽ ڪارروائي شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته غير قانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ رينجرز، پوليس ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جو مڪمل سهڪار ورتو وڃي. هن چيو ته ڪاٽيج انڊسٽريل پلاٽن جي لاٽرين ۾ شڪايتون مليون آهن جن کي مڪمل طور تي حل ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته ايم ڊي اي اسڪيم جا پلاٽ جلد کان جلد مالڪن کي ڏنا وڃن ته جيئن هو پنهنجا گهر ٺاهي ۽ آبادي ڪري سگهن. هن گجر نالا ۽ ٻين نالن جي متاثرن جي آبادڪاري جي ڪم کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجا واعدا پورا ڪري رهي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو عوام جو اسان تي اعتماد آهي. هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو محنت ڪن ۽ پنهنجي لاڳاپيل کاتن جي ڪم جي مڪمل رپورٽ پيش ڪن. هن ايم ڊي اي آفيسرن جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چتاءُ ڏنو ته آفيسر پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪن ٻي صورت ۾ سخت ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو. هن آفيسرن جا مسئلا پڻ ٻڌا ۽ چيو ته سنڌ حڪومت سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن جي حوصلا افزائي ڪندي رهندي ۽ ناقص ڪم ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ۾ دير نه ڪئي وڃي.










