مٺي(لیاقت نھڙیو) ڏيپلو پوليس علي بندر واري علائقي مان بلاول هائوس جي ميڊيا سيل جي انچارچ ۽ اقليتي ايم پي اي سريندر ولاسائي جي سالي، ڪڍڻ واسي ساجن ميگهواڙ ۽ هيرو ميگهواڙ کي 10 ليٽر ڪچي شراب المعروف ڪولهي وسڪي سميت گرفتار ڪري سندن مٿان منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آھي، پوليس موجب جوابدار ڪچو شراب وڪرو ڪري رهيا هئا ته کين 10 ليٽر شراب سميت گرفتار ڪيو ويو آھي. جڏھن ته ڏيپلو پوليس هڪ وڌيڪ ڪارروائي ڪري رميش ڪمار ميگهواڙ کي 5 ليٽر ڪچي شراب سميت گرفتار ڪري سندس خلاف به منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آھي. هوڏانهن ايس ايڇ او ڏيپلو حسين بخش راڄڙ رابطو ڪرڻ تي چيو ته ڪچي شراب جي ٻن الڳ الڳ وارداتن ۾ گرفتار ڪيل 3 جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري جوڊيشنل لاڪپ حوالي ڪيو ويو آھي.










