لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني عورت ڪرڪيٽر ايمن انور بين الاقوامي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پي سي بي موجب، فاسٽ بالر ايمن انور فوري طور تي بين الاقوامي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ايمن انور 8 ون ڊي ۽ 37 ٽي 20 ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي.ايمن انور هاڻي ڪرڪيٽ ريفري طور خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. ايمن انور ڪراچي ۾ جاري نيشنل وومين انڊر 19 ٽورنامينٽ ۾ عورت ريفري طور پنهنجو ڊيبيو ڪيو. هن جنوري ۾ انڊڪشن ڪورس ڪاميابي سان مڪمل ڪيو.










