ڀارت کي شڪست، پاڪستان ايمرجنگ ايشيا ڪپ جو چيمپئن بڻجي ويو

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ)ايمرجنگ ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان شاهينز ڀارت جي اي ٽيم خلاف شاندار شروعات ڪندي آخر تائين ميچ تي ڪنٽرول رکي ڀارت کي 128 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪولمبو ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت اي جي ڪپتان يش ڌول ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جنهن کانپوءِ پاڪستان شاهينز جي صائم ايوب ۽ صاحبزاده فرحان اننگز جي شروعات ڪئي .ٻنهي اوپنرن سينچري پارٽنرشپ قائم ڪندي اڌ سينچري اسڪور ڪئي.صائم ايوب 43 بالن تي 2 ڇڪن ۽ 7 چوڪن جي مدد سان ففٽي اسڪور ڪئي جڏهن ته صاحبزاده فرحان 3 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان پنهنجي اڌ سينچري مڪمل ڪئي. پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 121 رنسن تي 17.2 اوورن ۾ ڪري پئي جڏهن فرحان آئوٽ ٿيو ۽ ڪجهه دير ۾ صائم ايوب 59 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. 183 جي اسڪور تي عمير بن يوسف جي آئوٽ ٿيڻ بعد قاسم اڪرم ۽ ڪپتان محمد حارث به آئوٽ ٿي ويا ۽ 187 رنز تي پاڪستان جون 5 وڪيٽون ڪري پيون. ان بعد طيب طاهر جارحاڻي اننگ کيڏندي نوجوان رانديگر مبصر خان سان گڏ 6 هين وڪيٽ جي پارٽنرشپ ۾ 126 رنز ٺاهيون ۽ ۽ طيب 71 بالن تي 12 چوڪن ۽4 ڇڪن جي مدد سان 108 رنز اسڪور ڪيون.


آخري اوورز ۾ وسيم جونئر ڪجهه جاندار شاٽس کيڏي مقرر اوورز م 8 وڪيٽن جي نقصان تي 352 رنز جو ٽوٽل اسڪور بورڊ تي سجائي خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي. انڊيا اي طرفان ريان پراگ ۽ راج ورڌن هنگريڪر ٻه ٻه وڪيٽون کڻي سڀ کان ڪامياب بالر رهيا، هدف جي تعاقب ۾ ڀارت جي اوپنرز به پر اعتماد انداز ۾ اننگز جي شروعات ڪئي ۽ پهرين وڪيٽ ۾ 64 رنسون جوڙيون، پر سائي سدرشن 29 رنسون ٺاهي ارشد اقبال کي وڪيٽ ڏني. اڀيشڪ 61 رنز ٺاهيون پر صفيان مقيم کيس چلتو ڪيو ۽ ڪپتان يش ڌول به 39 رنز تي آئوٽ ٿي ويو ته ڀارتي ٽيم جي شڪست جا آثار پڪا ٿي ويا. مهران ممتاز 2 وڪيٽون وٺي ڀارتي ٽيم جي شڪست کي يقيني بنايو ۽ ڀارتي تيم 224 رنز تي ڍير ٿي وئي ۽ هو 40 اوور کيڏي سگهيا ۽ اڃا 10 اوور باقي هئا ته ميچ ختم ٿي وئي. طيب طاهر کي شاندار سينچري تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو