اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايمان مزاري جي ضمانت واري درخواست تي تاريخ تبديل ڪري ڇڏي.اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌيءَ ايمان مزاري جي وڪيلن 2 سيپٽمبر تي ضمانت واري درخواست تي اي ٽي سي کان نوٽيس جي درخواست ڪئي، جنهن تي عدالت 2 سيپٽمبر تي دليلن لاءِ طلب ڪري ورتو.دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايمان مزاري کي ٽرانزٽ ريمانڊ تي وومين پوليس اسٽيشن منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










