اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ جون لاءِ 2 وڌيڪ ايل اين جي ڪارگوز جي خريداري لاءِ بين الاقوامي بوليون کوليون آهن.ايل اين جي جي فراهمي لاءِ بوليون 1 کان 2 جون ۽ 28 کان 29 جون تائين طلب ڪيون ويون آهن.1-2 جون لاءِ 23.96 سينٽ في MMBTU جي گھٽ ۾ گھٽ بِڊ وصول ڪئي وئي، ۽ 28-29 جون جي سپلائي لاءِ گھٽ ۾ گھٽ بِڊ 22.49 سينٽ في MMBTU لاءِ ملي.گھٽ ۾ گھٽ بلن جي حتمي منظوري جو فيصلو PLL بورڊ ڪندو










