اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ايل اين جي ريفرنس ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو.جج ناصر جاويد رانا جي بدلي تي ريفرنس انتظامي جج محمد بشير ڏانهن منتقل ڪيو ويو.نيب پراسيڪيوٽر مرزا عثمان به عدالت ۾ پيش ٿيو.عدالت ۾ وڪيل چيو ته نيب ترميمي قانون جو ڪيس هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، نيب ترميمي قانون بابت ڪيس جو فيصلو اچڻ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي.احتساب عدالت جوابدار جي وڪيل جي درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 2 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










