اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ايل اين جي جي قيمتن ۾ 28 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، اوگرا مئي لاءِ ايل اين جي جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.سوئي سدرن سسٽم تي ايل اين جي جي قيمت ۾ 3.51 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو واڌ ڪئي وئي آهي.سوئي ناردرن سسٽم تي ايل اين جي ۾ 3.43 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو واڌ ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب، سوئي ناردرن سسٽم تي ايل اين جي جي نئين قيمت 16.98 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي.سوئي سدرن لاءِ ايل اين جي جي نئين قيمت 16.04 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي.










