لنڊن(ويب ڊيسڪ)ايلون مسڪ، ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جو باني، سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ ٽوئيٽر کي هڪ سپر ايپ ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. هن اها ڳالهه پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي چئي،هن چيو ته هو ٽوئيٽر کي هڪ سپر ايپ ۾ تبديل ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي جيڪا ادائيگين جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ خريد ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي منصوبي کي حتمي شڪل ڏيندو.ايلون مسڪ چيني ايپ وي چيٽ کي سپر ايپ لاءِ سٺو ماڊل قرار ڏيندي چيو ته چين کان ٻاهر اهڙي ڪا به ايپ ناهي.هن چيو ته آمدني جا ذريعا مواد ٺاهيندڙن لاءِ اهم آهن ۽ هڪ ايپ ۾ ادائيگي وارو نظام شامل ڪرڻ سان فائدو ٿي سگهي ٿو. هن وقت، ٽوئيٽر ادائگي جي شعبي تي گهڻو ڌيان نه ڏئي رهيو آهي.










