ايلون مسڪ ٽوئيٽر کي خريد ڪرڻ کان پوءِ سپر ايپ ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند

ايلون مسڪ ٽوئيٽر کي خريد ڪرڻ کان پوءِ سپر ايپ ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ٽسلا ۽ اسپيس ايڪس جو باني ايلون مسڪ سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ ٽوئٽر کي خريد ڪرڻ کانپوءِ ان کي سپر ايپ ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو.هن هڪ ٽوئيٽ ۾ اشارو ڪيو.ٽوئيٽر خريد ڪرڻ کانپوءِ ايلون مسڪ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اشارو ڏنو ته ان کي هڪ اهڙي ايپ ۾ تبديل ڪيو وڃي جنهن ۾ هر قسم جون سهولتون موجود هونديون.واضح رهي ته ايلون مسڪ اڳ ۾ ٽوئيٽر خريد ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو پر 4 آڪٽوبر تي هن هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ 54.20 ڊالر في شيئر جي حساب سان خريد ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي.ايلون مسڪ مبينا طور تي ٽوئيٽر تي بوٽس، جعلي اڪائونٽس ۽ غلط بياني جو الزام لڳائڻ کان پوءِ عدالتي جنگ کان بچڻ لاءِ ٽوئيٽر کي مقرر قيمت تي خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.دنيا جي امير ترين شخص ٽوئيٽ ۾ سپر ايپ بابت تفصيل نه ڏني، پر هن ماضي ۾ چيني ايپ وي چيٽ جي ساراهه ڪئي آهي.مئي ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران ايلون مسڪ چيني ايپ وي چيٽ کي سپر ايپ لاءِ سٺو ماڊل قرار ڏيندي چيو ته چين کان ٻاهر اهڙي ڪا به ايپ ناهي.اهڙي طرح هن اهو به چيو آهي ته هو ٽوئيٽر کي وي چيٽ ۽ ٽڪ ٽاڪ وانگر ٺاهڻ چاهي ٿو.ايلون مسڪ جي مطابق، سپر ايپس ايشيا ۾ عام آهن، ادائگي، مواصلات، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين خدمتن سان صارفين لاء دستياب آهن.ايلون مسڪ آگسٽ ۾ ٽسلا جي سالياني شيئر هولڊر اجلاس ۾ چيو ته هو ٽوئيٽر کي تمام گهڻو استعمال ڪري ٿو ۽ پليٽ فارم کي اڃا به بهتر بڻائڻ لاءِ منصوبا رکي ٿو.ياد رهي ته ايلون مسڪ ٽوئيٽر سان 44 ارب ڊالرن جو معاهدو ڪرڻ بعد خريداري واري معاهدي تان هٿ کڻي ويو هو، جنهن کانپوءِ ٽوئيٽر ايلون مسڪ خلاف معاهدي تان دستبردار ٿيڻ تي قانوني جنگ شروع ڪري ڇڏي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو