واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)ٽسلا ۽ اسپيس ايڪس جي باني ايلون مسڪ سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي تنقيد ڪئي ڪندي فوٽو شيئرنگ ايپ کي ’حسد پيدا ڪندڙ‘ پليٽ فارم قرار ڏنو آهي. ٽوئٽر تي هڪ وڊيو تي ردعمل ڏيندي ايلون مسڪ چيو ته انسٽاگرام هڪ پليٽ فارم آهي جيڪو حسد کي فروغ ڏئي ٿو.هن وڊيو ۾ دنيا ۾ حسد ۽ لالچ جي اثرن تي بحث ڪيو ويو آهي.ايلون مسڪ اها ڳالهه هڪ اهڙي وقت ۾ چئي جڏهن هو هڪ ٻئي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽوئيٽر سان عدالتي جنگ جي تياري ڪري رهيو آهي.ان کان اڳ، ايلون مسڪ آگسٽ 2022 ۾ پوڊ ڪاسٽ دوران انسٽاگرام کي نشانو بڻايو.ان موقعي تي هن چيو ته هو انسٽاگرام استعمال نٿو ڪري پر سندس پرائيويٽ اڪائونٽ آهي.هن چيو ته هو انسٽاگرام اڪائونٽ استعمال نٿو ڪري ڇو ته اتي سندس وقت سيلفيز جي ڪري ضايع ٿئي ٿو. ايلون مسڪ چيو ته اهو ئي سبب آهي ته هو ٽوئيٽر استعمال ڪندو آهي جڏهن هو ڪنهن ڳالهه جو اظهار ڪرڻ چاهيندو آهي. 2018 ۾ هڪ انٽرويو دوران ايلون مسڪ چيو ته انسٽاگرام ماڻهن کي حقيقي دنيا کان وڌيڪ خوبصورت ۽ خوش نظر اچي ٿو.










