ايف سي هيڊ ڪوارٽر پشاور کان اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو فيصلو

ايف سي هيڊ ڪوارٽر پشاور کان اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي ڪانسٽيبلري جي هيڊ ڪوارٽر کي پشاور کان اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وفاقي گهرو وزير وفاقي ڪانسٽيبلري جي هيڊ ڪوارٽر لاءِ زمين جي نشاندهي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ نئين هيڊ ڪوارٽر لاءِ ماسٽر پلان پڻ طلب ڪيو ويو آهي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ سي ڊي اي هيڊ ڪوارٽر ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري پڻ شرڪت ڪئي.ان کان علاوه، وفاقي سيڪريٽري داخلا، ڪمانڊنٽ ۽ ڊپٽي ڪمانڊنٽ فيڊرل ڪانسٽيبلري، چيئرمين سي ڊي اي، آءِ جي اسلام آباد، ڊي سي اسلام آباد ۽ اعليٰ عملدارن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.محسن نقوي چيو ته وفاقي ڪانسٽيبلري جي هيڊ ڪوارٽر لاءِ راڄڌاني ۾ هڪ مناسب جڳهه مختص ڪئي وڃي، ۽ زمين جي سڃاڻپ ڪندي هيڊ ڪوارٽر ۽ تربيت جي ضرورتن کي خاص طور تي نظر ۾ رکيو وڃي.وفاقي گهرو وزير چيو ته اهي وفاقي ڪانسٽيبلري کي جديد بنيادن تي ترقي ڏيڻ ۽ ان کي هڪ منظم ۽ انتهائي فعال فورس بڻائڻ چاهين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو