اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو جو چيئرمين شبر زيدي ڊگهي موڪل تي هليو ويو. شبر زيدي جي جڳهه تي نوشين امجد جاويد کي چيئرمين ايف بي آر جي اضافي چارج ڏني وئي آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي پر نوٽيفڪيشن ۾ شبر زيدي جي موڪل جو مدو ناهي لکيو ويو. ايف بي آر طرفان جاري نوٽيفڪيشن مطابق چيئرمين ايف بي آر شبر زيدي موڪل تي ويو آهي جنهن جي غير موجودگي ۾ ايف بي آر جي ايڊمن ميمبر نوشين جاويد امجد چيئرمين ايف بي آر جي اضافي چارج سنڀاليندو. نوٽيفڪيشن مطابق شبر زيدي جي موڪل جو اطلاق 31 جنوري 2020 کان ٿيندو. ذريعن مطابق شبر زيدي طبيعت خراب هجڻ سبب موڪل تي ويل آهي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته شبر زيدي ڪراچي وڃڻ کان پهرين مشير خزانه ڊاڪٽر حفيظ شيخ کي آگاهه ڪيو هو. جڏهن ته صحت جي خرابي ۽ دٻاءُ سبب مستقبل ۾ شبر زيدي پاران ڪم جاري رکڻ جو امڪان گهٽ ڏيکاريا پيا وڃن.










