لاهور(ويب ڊيسڪ) ايف بي آر پاران ٽيڪسٽائل ملن کي ڪيمرائون نصب ڪرڻ لاءِ الٽيميٽم جاري.ايف بي آر جي ذريعن موجب پهرين جولاءِ کان ٽيڪسٽائل ملن تي ڪيمرائون نصب ڪيون وينديون، 180 مل مالڪن کي حتمي وارننگ ڏني وئي آهي.ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪسٽائل ملون ڪيمرائون پنهنجي خرچ تي لڳرائينديون، ڪيمرائون نه لڳرائڻ جي صورت ۾ ملون بند تصور ڪيون وينديون.ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته ايف بي آر شوگر، سيمينٽ ۽ ڀاڻ جي فئڪٽرين ۾ اڳ ئي ڪيمرائون نصب ڪرائي چڪو آهي.










