انڪم ٽيڪس ۾ ڇوٽ ختم ڪرڻ لاءِ تياريون شروع

انڪم ٽيڪس ۾ ڇوٽ ختم ڪرڻ لاءِ تياريون شروع

اسلام آباد(بيورو)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) انڪم ٽيڪس ۾ ڇوٽ ختم ڪرڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب ايف بي آر ايندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس جو هدف 7 هزار 255 ارب رپيا مقرر ڪيو آهي ۽ 1155 ارب رپيا اضافي ٽيڪس جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال لاءِ ڊائريڪٽ ٽيڪسز جي مد ۾ 2711 ارب رپيا، سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 3295 ارب رپيا ۽ پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 406 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.ناڻي واري وزارت موجب ايندڙ مالي سال ۾ وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 700 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال ۾ دفاع تي 1586 ارب رپيا، سود جي مد ۾ 3523 ارب رپيا، خرچن جي مد ۾ 12 هزار 994 ارب رپيا، روينيو جي مد ۾ 10 هزار 272 ارب رپيا ۽ ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ 843 ارب رپيا لاڳو ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو