اسلام آباد(بيورو)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) آگسٽ مهيني دوران رڪارڊ 489 ارب رپيا ٽيڪس وصول ڪيو.ايف بي آر اختيارين موجب ماهوار هدف کان 6 ارب رپيا وڌيڪ ٽيڪس جمع ڪيو ويو آهي.آفيسرن جو چوڻ هو ته آگسٽ ۾ ٽيڪس جو هدف 483 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو هو پر 489 ارب رپين جو رڪارڊ ٽيڪس گڏ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گذريل مالي سال آگسٽ ۾ 448 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا هئا.اختيارين موجب سيلاب باوجود آمدني ۾ اضافو ٿيو، پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس صفر، درآمدات ۾ گهٽتائي ڪئي وئي.آگسٽ ۾ 37 ارب رپين جا ريفنڊز به جاري ڪيا ويا، آگسٽ ۾ ٽيڪس ريفنڊز ۾ 161 سيڪڙو اضافو ٿيو.ايف بي آر عملدارن ٻڌايو ته گذريل سال آگسٽ ۾ 14.3 ارب رپين جا ريفنڊ جاري ڪيا ويا.










