اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي جاچ ۾ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي نوٽيس جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان ۽ پي ٽي آءِ پاران جواب اڳوڻي اٽارني جنرل انور منصور خان جي ذريعي موڪليو ويو ۽ اهو لکت وارو جواب ايف آءِ اي ڪمرشل بئنڪ سرڪل اسلام آباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر آمنه بيگ کي موڪليو ويو آهي. پنهنجي لکت واري جواب ۾ عمران خان چيو ته هو نه ته ذميوار آهي ۽ نه ئي ڄاڻ ڏيڻ جو پابند آهي، جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر نوٽيس واپس نه ورتو ته سندس خلاف قانون تحت ڪارروائي ڪندس. جواب ۾ هن نوٽيس موڪلڻ کي ايف آءِ اي جي بدنيتي قرار ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ کان تفصيل ۽ دستاويز طلب ڪرڻ ايف آءِ اي جي دائري ۾ ناهي، اليڪشن ڪميشن فيصلو ناهي ڏنو پر رپورٽ جاري ڪئي. عمران خان چيو ته اليڪشن ڪميشن ان رپورٽ جي بنياد تي ايف آءِ اي يا ڪنهن ٻئي اداري کي حڪم نٿو ڏئي سگهي، ايف آءِ اي کي پوليٽيڪل پارٽيز آرڊر 2002 تحت ڪارروائي جو اختيار ناهي، جاري ڪيل نوٽيس به ايف آئي اي ايف آءِ اي ايڪٽ جي خلاف آهي هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ ڪيترن ئي فيصلن ۾ اليڪشن ڪميشن کي انتظامي ادارو قرار ڏئي چڪي آهي، اليڪشن ڪميشن نه عدالت آهي ۽ نه ئي ٽربيونل.










