ايف آءِ اي ڊرائيور جو وڻ سان ٽنگيل لاش هٿ

ايف آءِ اي ڊرائيور جو وڻ سان ٽنگيل لاش هٿ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر جي پوليس جو چوڻ آهي ته ان کي وڻ سان ٽنگيل وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آءِ اي) جي ڊرائيور جو لاش مليو آهي. وڻ سان ٽنگيل شخص جو لاش مارگلا پوليس اسٽيشن جي حد ۾ واقع سيڪٽر جي 2/9 مان ابن سينا روڊ جي سامهون گرين ايريا کان مليو آهي. پوليس لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي تحقيقات شروع ڪري ڏني آهي. پوليس جو چوڻ هو ته ممڪن آهي ته اها خودڪشي هجي يا قتل ٻنهي پهلوئن کان معاملي جي تحقيقات ڪري رهيا آهيون. ان حوالي سان اسلام آباد پوليس جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته فوت ٿيندڙ سيڪٽر جي نائن ٽو جو رهائشي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيئن ئي وڻ سان ٽنگيل لاش جو اطلاع مليو ته اسٽيشن هائوس آفيسر مارگلا ۽ ٻيو عملو واقعي واري هنڌ پهتو جنهن کان پوءِ وڌيڪ ڪارروائي جو عمل شروع ڪندي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو