ايف آءِ اي شير افضل مروت کي طلب ڪري ورتو

ايف آءِ اي شير افضل مروت کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ شير افضل مروت کي داخل درخواست تي 18 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي.ايف آءِ اي سائبر سرڪل بئريسٽر عقيل ملڪ جي شڪايت تي شير افضل مروت کي انڪوائري لاءِ طلبي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.ايف آءِ اي طرفان جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته توهان جي ٽوئيٽر هينڊل تان 9 مارچ تي هڪ ٽوئيٽ موڪليو ويو هو، جاچ لاءِ 18 مارچ تي صبح 10 وڳي ثبوتن سان ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سرڪل آڏو پيش ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو