ايف آءِ اي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر لاڏاڻو ڪري ويو، شهباز گل پاران افسوس

ايف آءِ اي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر لاڏاڻو ڪري ويو، شهباز گل پاران افسوس

اسلام آباد(بيورو)ايف آءِ اي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رضوان دل بيهڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، ڊاڪٽر رضوان کي لاهور جي سروسز اسپتال آندو ويو هو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ڊاڪٽر رضوان ڊائريڪٽر ايف آءِ اي پنجاب طور مقرر هو، جڏهن ته موجوده حڪومت اقتدار سنڀاليندي ئي ڊاڪٽر رضوان کي عهدي تان هٽايو هو ياد رهي ته ڊاڪٽر رضوان ايف آءِ اي ڊائريڪٽر طور وزير اعظم شهباز شريف کان مني لانڊرنگ سميت ڪيترن ئي ڪيسز ۾ جاچ ڪئي هئي… پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي خصوصي معاون شهباز گل ايف آءِ اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رضوان جي موت تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي ايف آءِ اي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رضوان دل بيهڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز گل ڊاڪٽر رضوان جي لاڏاڻي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته اِها ڪا نئين ڳالهه ناهي، هن ملڪ ۾ ائين ئي ماڻهن کي قتل ڪيو ويندو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو