ايشيا ڪپ ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جون ٽيمون سريلنڪا ۾ کيڏنديون

ايشيا ڪپ ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جون ٽيمون سريلنڪا ۾ کيڏنديون

لاهور (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي آفيسر ارون ڌومل چيو آهي ته ڀارتي ٽيم ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستان نه ويندي.آءِ سي سي اجلاسن لاءِ ڊربن ۾ موجود ارون ڌومل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جئي شاهه ۽ ذڪا اشرف وچ ۾ ملاقات ۾ ايشيا ڪپ جي شيڊول کي حتمي شڪل ڏني وئي.ارون ڌومل جو چوڻ آهي ته ليگ اسٽيج جا رڳو 4 ميچ پاڪستان ۾ کيڏيا ويندا جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ سميت باقي 9 ميچون سريلنڪا ۾ کيڏيون وينديون.هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت ۽ پاڪستان جون ٽيمون فائنل ۾ پهچنديون ته ان جو مقابلو به سريلنڪا ۾ ٿيندو.ارون ڌومل موجب جئي شاهه ۽ ذڪا اشرف وچ ۾ ملاقات ۾ رڳو ايشيا ڪپ جي شيڊول تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ڀارتي ٽيم يا ڀارتي بورڊ جي سيڪريٽري جي پاڪستان وڃڻ واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه نه ٿي.رپورٽن مطابق پاڪستان ايشيا ڪپ ۾ هوم گرائونڊ تي رڳو نيپال خلاف ميچ کيڏندو جڏهن ته باقي ٽي ميچون بنگلاديش، سريلنڪا ۽ افغانستان وچ ۾ کيڏيون وينديون. سريلنڪا ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ جون ميچون ڊمبولا ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ به هتي ئي ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو