دبئي (ويب ڊيسڪ)اي سي ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ گڏيل عرب امارتن ۾ ٿيڻ لاءِ تيار آهي.ميچون 27 آگسٽ کان شروع ٿينديون، جنهن ۾ روايتي حریف پاڪستان ۽ ڀارت 28 آگسٽ تي آمهون سامهون ٿيندا.دبئي جي آءِ سي سي ڪرڪيٽ اڪيڊمي گرائونڊ ۾ ٽيمن تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.آءِ سي سي اڪيڊمي گرائونڊ ۾ ڀارتي ٽيم ٻين ٽيمن سان گڏ تياري ڪري رهي آهي پر ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم هڪ ڀيرو ٻيهر ٻين ٽيمن کان الڳ رهڻ جي روايت برقرار رکي آهي.










