نوشھرو فيروز (رپورٽ اسد علي عمراڻي ) نوشھروفيروز ۾ پريس ڪلب ٻاھريان سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڪراچي ۾ سنڌي وسندين تي قبضي جي ڪوشش ڪرڻ ملڪ رياض خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻندي اڳواڻن جنهن ۾ اقبال راڄپر حبيب مشوري حميد پنھور ۽ ٻين چيو ته ملڪ رياض پاران ملير ۾ قديمي ڳوٺن کي مسمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آهي اھا ان جي ڪنهن به صورت منصوبو ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو ھر صورت ۾ اتان جي رھواسين سان گڏ آھيون ۽ رھنداسين اتان جا رھواسي پاڻ کي اڪيلو نه سمجھن انهن جو تحفظ ڪنداسين ملڪ رياض ۽ ڀھريا ٽائون خلاف عيد بعد سڄي سنڌ ۾ تحريڪ ھلائينداسين ان جا منصوبا مڪمل بند ڪرائيبا سنڌين لاء عزاب بنجي چڪو آهي انکي ھاڻي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏبي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول ان جا ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آهن اھي ڪجهه به نه ڪندا سڄي سنڌ ملڪ رياض کي وڪڻي ڏيندا انهن جي رستا روڪ ڪبي










