ايس ٽي پي جي سڏ تي سنڌ ۾ هڙتال، ڪارڪن گرفتار

ايس ٽي پي جي سڏ تي سنڌ ۾ هڙتال، ڪارڪن گرفتار

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي والار ۽ پاڪستان آئيلينڊ اٿارٽي قائم ڪرڻ خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ شٽربند هڙتال، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، بدين، ميرپور خاص، سکر، نوشهروفيروز، دادو، مٽياري، سانگهڙ ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاروباري مرڪز نه کُليا، سجاول، نواب شاهه، ٽنڊو محمد خان، ڄامشورو، قاضي احمد، هالا ۽ ٻين شهرن ۾ به بازارون بند رهيون، ڪوٽڙي ۽ نواب شاهه ۾ هڙتال دوران دڪان بند ڪرائڻ تان ڪجهه ڪارڪن گرفتار، مختلف شهرن ۾ مظاهرن دوران آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس واپس وٺڻ جو مطالبو، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي وسيلن جو مالڪ صوبي جو عوام آهي، ٻيٽن تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، سياسي، سماجي ۽ قومپرست تنظيمن طرفان اٿارٽي آرڊيننس رد ٿيڻ تائين جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ جي عوام هڙتال ڪري صدارتي آرڊيننس خلاف قومي ٻڌي جو ثبوت ڏنو آهي، مختلف شهرن ۾ پوليس گرفتاريون ڪري سنڌ دشمني جو ثبوت ڏنو، اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، سنڌ جو هر ماڻهو ڌرتيءَ جي تحفظ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندو.

پهنجو تبصرو موڪليو