جوهي (ن سنڌيار)واهي پانڌي ۾ ڪوريج دوران ايس ايڇ او واهي پانڌي پاران صحافين کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ خلاف جوهي پريس ڪلب سٿ پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو,سينئر صحافي وفا برهماڻي, پيربخش ٻٻر,مشتاق رودناڻي,عباس گاڏھي, منصور گاڏھي, بشير لغاري, غلام رسول ٿهيم, خليل عارف سومرو ۽ ٻين احتجاج مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واهي پانڌي ٿاڻي تي مقرر ايس ايڇ او گلزار خشڪ پاران متاثره عورت جي ڪوريج لاءِ پهتل صحافين عابد لاشاري, شاھ محمد رستماڻي ۽ ٻين کي ڪوريج کان روڪي بدڪلامي ڪري گٿا لفظ ڳالهائي ۽ ڊيوٽي اٽڪاء جو ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا هنن چيو ته قلم ڌڻين کي ڌمڪائي خاموش ڪرڻ چاهين ٿا پر حق ۽ سچ جي آواز کي ڪير به خاموش نٿو ڪرائي سگهي, هنن چيو ته ذريعن موجب ايس ايس پي دادو ۽ ڊي ايس پي جوهي جي چرچ تي ايس ايڇ او واهي پانڌي گلزار خشڪ صحافين کي حراسان ڪري ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي هنن آء جي سنڌ, ڊي آء جي حيدرآباد سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ايس ايڇ او واهي پانڌي گلزار خشڪ کي هٽائي صحافين سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي










