ايس ايس پي جي سٺي پرفارمنس مير نادر علي ابڙو پاران شيلڊ سان نوازيو ويو

ايس ايس پي جي سٺي پرفارمنس مير نادر علي ابڙو پاران شيلڊ سان نوازيو ويو

نوابشاھ(رپورٽ اي ڪي ڏاھري)ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن شھيد بينظير آباد ۽ مرڪزي چيئرمين پاڪستان زندھ باد بيسڪ آرگنائيزيشن مير نادر علي ابڙو پاران ضلعي ۾ امن جي قيام ۽ رمضان المبارڪ دوران بھتر ٽرئفڪ انتظامات اختيار ڪرڻ عيوض ايس ايس پي شھيد بينظير آباد امير سعود مگسي کي ميڊل ۽ شيلڊ ڏني وئي، جڏهن تہ ٻين پوليس آفيسرن ۽ ٽريفڪ ڊيوٽي تي مقرر اھلڪارن ۾ سندن ھمٿ افزائي طور سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. ايس ايس پي آفيس شھيد بينظير آباد ۾ منعقد ڪيل تقريب دوران مير نادر علي ابڙو پاران ايس ايس پي امير سعود مگسي کي پاڪستان زندھ باد بيسڪ آرگنائيزيشن جو ميگزين پڻ ڏنو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي مير نادر علي ابڙو چيو تہ شھيد بينظير آباد ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال بھتر آھي ۽ ضلعي پوليس نوجوان ايس ايس پي جي قيادت ھيٺ بھتر طور تي نڀائي رھي آھي. انھيءَ موقعي تي ايس ايس پي امير سعود مگسي ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن مير نادر علي ابڙو پاران حوصلا افزائي ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ يقين ڏياريو تہ ضلعي پوليس پاران عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت، منشيات سميت مڙني ڏوھن تي ڪنٽرول لاءِ عملي ڪارروايون جاري رھنديون. ھن وڌيڪ چيو تہ عوام جي جائز مسئلن جي حل لاءِ ايس ايس پي آفيس جا دروازا ھميشہ کليل آھن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو