ايس آءِ ايف سي پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ اهم آهيو: ٽسوڙي

ايس آءِ ايف سي پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ اهم آهيو: ٽسوڙي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته پاڪستان به انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديليءَ کان سخت متاثر ٿيا آهن، اسان کي هر فيصلو، اپاءَ يا منصوبو مستقبل جي نسلن کي نظر ۾ رکندي ڪرڻو پوندو. 19هين مائي ڪراچي نمائش جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته نمائش ڪراچي جي اقتصادي حب ۾ صنعتي سرگرمين، واپاري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ واڌ لاءِ سٺو سنوڻ آهي، پرڏيهي سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جو ڪردار اهم آهي. هن وڌيڪ چيو ته ماحولياتي ذميواري به اقتصادي ڪاميابي لاءِ ترجيح آهي. ڪامران خان ٽيسوري جو چوڻ آهي ته ايس آءِ ايف سي منصوبو پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ اهم ثابت ٿيندو. اسان گڏجي پائيدار ٽيڪنالاجي ايجنڊا کي اڳتي وڌائي سگهون ٿا. آءِ پي پيز جو مسئلو جلد حل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو