آچر تي رات دير سان ايران ۽ بيلجيم وچ ۾ کيڏيل ميچ بنا ڪنهن گول جي برابر رهي ۽ ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ مليو.
پر هن ميچ جي ڪهاڻي بلڪل مختلف ٿي سگهي پئي جيڪڏهن بيلجيم جي اسٽار اسٽرائيڪر روميلو لڪاڪو پنجين منٽ اندر ڪيون ڊي بروني جي ڏنل پاس کي گول ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها.
لوڪاڪو، جيڪو پنهنجي ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگر آهي، جون 2025 کان پوءِ پهريون ڀيرو شروعاتي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو هو. اميد هئي ته هو بيلجيم کي گهربل فتح ڏياريندو، پر هو ائين نه ڪري سگهيو.
اڳوڻي فرانسيسي مڊفيلڊر پيٽريڪا جو چوڻ آهي ته بيلجيم جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته سندن ٻه بهترين رانديگر، ڊي بروئن ۽ لوڪاڪو، مڪمل ميچ فٽنس ۾ ناهن.
ٻئي پاسي، ايران جي گول ڪيپر علي رضا بيرانوند جي شاندار ڪارڪردگي ايران کي ميچ برابر ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هن نتيجي کان پوءِ 2018 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنلسٽ بيلجيم کي ايندڙ مرحلي ۾ پهچڻ لاءِ پنهنجي آخري گروپ ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏيڻ ضروري هوندو، ٻي صورت ۾ سندن اڳتي وڌڻ جا امڪان خطري ۾ پئجي سگهن ٿا.
ٻئي طرف، هي پهريون ڀيرو آهي جو ايران پنهنجي شروعاتي ٻن ورلڊ ڪپ ميچن مان ڪنهن ۾ به شڪست نه کاڌي آهي. ٻن ميچن کان پوءِ ايران وٽ 2 پوائنٽون آهن. ايران پنهنجو ايندڙ مقابلو مصر خلاف ڇنڇر تي ڪندو، ۽ ان ميچ ۾ فتح کين ايندڙ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪرائي سگهي ٿي.
ميچ جي 25هين منٽ ۾ ايران کي لڳو ته هن برتري حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن مهدي طاريمي فري ڪڪ تان بال بيلجيم جي ڄار ۾ پهچائي ڇڏيو، پر ڊگهي وڊيو جائزي کان پوءِ گول کي آف سائڊ قرار ڏئي رد ڪيو ويو.
ٻئي هاف ۾ بيلجيم وڌيڪ جارحاڻي راند شروع ڪئي ۽ 58هين منٽ ۾ برتري حاصل ڪري سگهي پئي، جيڪڏهن بيرانوند، ڊي بروئن جي ڪراس تي Maxim De Cuyper جي خطرناڪ ڪوشش کي شاندار نموني نه روڪي ها.
سڄي 90 منٽن دوران بيلجيم ايران جي گول تي 23 حملا ڪيا، پر هڪ به گول نه ڪري سگهيو، جنهن جو وڏو سبب علي رضا بيرانوند جي لاجواب گول ڪيپنگ هئي.
بيرانوند کي سندس بهترين ڪارڪردگيءَ تي “ميچ جو بهترين رانديگر” قرار ڏنو ويو.
“آبنائي بيرانوند بند آهي”
ميچ بغير ڪنهن گول جي برابر ختم ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي ايراني اڳواڻن ۽ فٽبال مداحن علي رضا بيرانوند جي ڀرپور ساراهه ڪئي.
ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي کان علاوه ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف به سندس تصوير ايڪس تي شيئر ڪندي لکيو: “اهڙي طرح اسين پنهنجي سرزمين جي حفاظت ڪندا آهيون.”
سراييوو ۾ ايراني سفارتخاني پڻ ايڪس تي بيرانوند جي اهم بچاءَ واري وڊيو شيئر ڪندي ان کي ميچ جي بهترين لمحن مان هڪ قرار ڏنو ۽ لکيو: “بيرانوند، توهان لاجواب هئا.”
“ٽرول فٽبال” نالي هڪ سوشل ميڊيا اڪائونٽ هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ آبنائي هرمز جي مٿان بيرانوند جي تصوير لڳل هئي ۽ ان تي لکيل هو: “آبنائي بيرانوند بند آهي.”
ايراني خابرو اداري ان تصوير کي شيئر ڪندي دعويٰ ڪئي ته ورلڊ ڪپ کان اڳ هڪ انٽرويو ۾ بيرانوند ايراني عوام سان واعدو ڪيو هو ته هو ايراني گول کي “هرمز وانگر سيل بند رکندو.”
هڪ ٻئي ايڪس صارف بيرانوند جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو: “ورلڊ ڪپ جو بهترين گول ڳوليندا رهو، ڇو ته ورلڊ ڪپ جو بهترين بچاءُ ته ملي چڪو آهي.”
جڏهن ته پيٽر وينڊن هوٽ نالي هڪ صارف طنزيه انداز ۾ لکيو ته،
“جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ بيلجيم جي ريڊ ڊيولز ٽيم جو ڪوچ هجي ها ته هو هن نتيجي کي به هڪ وڏي فتح قرار ڏئي ها.”










