نديم علي خواجه
ايران ۾ ڪافي ڏينھن کان حڪومت مخالف تحريڪ ھلي رھي آھي، جنھن جي شدت ۾ پڻ ڪجھ گھٽتائي آئي آھي، ايران ۾ معاشي بحران، بيروزگاري ۽ مھنگائي سبب عوام رستن تي نڪري آئي آھي، ايراني ميڊيا موجب احتجاج جي شدت سبب سرڪاري ملڪيتن سميت عوامي ملڪيتن کي پڻ تمام گھڻون نقصان رسيو آھي، جنھن جي ماليت جو ڪاٿو اربين روپيه ٻڌايو پيو وڃي، جمھوري حڪومتن ۾ احتجاج ھر ڪنھن جو حق آھي، ڇوته رياست تي اھو فرض آھي ته ھو عوام جي بنيادي حقن جو خيال رکي، جنھن ۾ روزگار، امن و امان، مھنگائي تي ضابطو رکڻ شامل آھن، ايران ۾ بنيادي حقن جو مڪمل خيال رکيو ويندو آھي، پر ڪجھ ملڪن پاران ايران تي معاشي پابندين سبب ايران ۾ معاشي بحران جنم ورتو آھي، ايران جي ڪرنسي جي اھميت ڊالر جي مقابلي ۾ تاريخي سطح تي گھٽ ٿي ويئي آھي، بيروزگاري ۽ مھنگائي عوام کي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي، ايراني سرڪار عوام کي رليف ڏيئڻ جو پڻ اعلان ڪيو آھي، ايراني حڪومت پاران پنھنجن شھرين کي مالي امداد ڏيئڻ جو اعلان پڻ ڪيو آھي، پر عوامي احتجاج ۾ شدت اچڻ سبب سرڪار کي مظاھرين خلاف ايڪشن پڻ وٺڻو پيو، ڇوته مظاھرين نه صرف سرڪاري ملڪيتن تي حملا ڪيا، پر عوامي ملڪيتون پڻ انھي کان محفوظ نه رھيون، ايتري حد تائين جو سيڪورٽي فورس تي پڻ حملا شروع ڪيا ويا، جنھن ۾ سيڪيورٽي فورس سميت ڪيترائي مظاھرين مارجي ويا، ايراني حڪومت جي سخت ايڪشن کانپوء تحريڪ ۾ ڪجھ گھٽتائي آئي آھي، ٻئي طرف آمريڪه ايران کي سئون سڌو ڌمڪي ڏني آھي ته جيڪڏھن مظاھرين جو قتل عام بند نه ٿيو ته آمريڪه ايران تي حملو ڪري پنھنجي مرضي جي رياست قائم ڪندو، جنھن ۾ عوام جي بنيادي سھولتن جو مڪمل خيال رکيو ويندو، پر ايران آمريڪه جي انھي ڌمڪي کي رد ڪندي چيو آھي ته جيڪڏھن آمريڪه اھڙي قسم جي ڪابه حرڪت ڪئي ته ايران به خاموش نه رھندو، ۽ جيڪي خليجي رياست ۾ امريڪا جا فوجي اڏا آھن، تن کي نشانو بڻائيندو، ايران اھو به الزام ھنيو آھي ته ڪجھ ڏينھن ۾ جيڪو ڪجھ به ايران ۾ ٿيو آھي، اھا آمريڪه ۽ اسرائيل جي ھڪ سازش آھي، ته جيئن انھي احتجاج جو بھانو بڻائي ايران تي حملو ڪري ھڪ جمھوري ، عوامي ۽ مضبوط اسلامي حڪومت جو خاتمو آڻي سگھجي، ايران اھو به الزام ھنيو آھي ته ايراني حڪومت وٽ آمريڪي مداخلت جا ثبوت موجود آھن، ۽ ڪجھ شرپسندن ۽ آمريڪي عملدارن جي ڳالھ ٻولھ جو ريڪارڊ پڻ موجود آھي، جنھن ۾ آمريڪه شرپسندن کي ھدايت ڏئي رھيو آھي ته پنھنجون شرپسندانا ڪاروايون جاري رکي، ته جيئن آمريڪه کي ايران تي حملي ڪرڻ جو جواز ملي سگھي، خود آمريڪه پڻ انھي ڳالھ جو اعتراف ڪيو آھي ته ايراني اپوزيشن سان سندس مڪمل رابطو آھي، ڏٺو وڃي ته آخر ايران ۾ اھڙي پرتشدد تحريڪ جي شروعات ڇو ٿي، ايران جي عوام ھميشه پنھنجي حڪومت جو ساٿ ڏنو آھي، ۽ سندس مڪمل حمايت ڪئي آھي، ايراني سرڪار پڻ پنھنجن وسيلن موجب عوام کي مڪمل رليف ڏنو آھي، پر وقت ايران ۾ جيڪو بحران آھي، اھو معاشي بحران سبب ٿيو آھي، مغربي ملڪن سميت ڪيترن ئي ملڪن ايران تي معاشي پابنديون لاڳو ڪيون آھن، ايران جو دفاعي نظام يقينن مضبوط آھي، انھي ۾ گوبي شڪ نه آھي، پر ايران جي معيشت مضبوط نه آھي، ايران کي يقين ھو ته روس ۽ چين سندس معيشت کي بھتر بنائڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا، پر ايران جا اھي ٻئي دوست ڪمزور نڪتا آھن، شايد انھن ملڪن کي پڻ آمريڪه مان خطرو نظر اچي رھيو آھي، جيڪڏھن چين ء روس ايران سان مڪمل سھڪار ڪن ته يقينن اھڙي تحريڪ جي ضرورت پيش نه اچي ھا، ايران جي معيشت ٻيھر بھتر ٿي سگھي ٿي، جيڪڏھن بين الاقوامي مالياتي ادارا ۽ اسلامي ملڪ بنا ڪنھن خوف جي ايران جي مالي مدد ڪن، ۽ پاڪستان جيان آسان قسطن تي ايران کي قرض ڏيئن، جيڪڏھن ائين نه ٿيو ته جنھن تحريڪ ۾ وقتي طور گھٽتائي آئي آھي، اھا ٻيھر زور وٺي سگھي ٿي، ۽ ھڪ ڀيرو ٻيھر ايران مشڪلات جو شڪار ٿي سگھي ٿو، جيڪو ھن خطي لاء پڻ خطري جي گھنٽي آھي، ڇوته اسرائيل جي پڻ اھا پاليسي آھي ته پھرين ايران کي شڪست ڏئي خطي ۾ پنھنجو مضبوط اثر قائم ڪري انھي کانپوء ٻين اسلامي ملڪن جن ۾ عرب رياستون پڻ شامل آھن، انھن کي ٽارگيٽ بڻايو وڃي، اھڙي طرح اسلامي ملڪن کي ڪمزور ڪري ھو خطي ۾ پنھنجو اثر وڌيڪ مضبوط ڪري طاقتور بڻجي وڃي.










