ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) ايران کان گوادر تائين بجلي جي نئين ٽرانسميشن لائين وڇائي وئي آهي.ڪيسکو چيف عبدالڪريم جمالي جو چوڻ آهي ته گوادر کي نئين ٽرانسميشن لائين مان 100 ميگاواٽ بجلي ملڻ شروع ٿي وئي آهي، گوادر، پسني، جيواڻي ۽ مري کي نئين ٽرانسميشن لائين مان بجلي فراهم ڪئي ويندي.ڪيسڪو سربراهه چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ گوادر کي 100 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي جو معاهدو ٿيو آهي، ان معاهدي تحت مڪران کي ايران جي شهر جڪي گور مان 100 ميگاواٽ بجلي پهرين ئي ملي رهي آهي.










