واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران معاهدي تي ڳالهيون مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن، ايران سان معاهدي جا آخري پاسا غور هيٺ آهن ۽ ايران ڊيل جو اعلان جلد متوقع آهي. هن چيو ته مسلم ملڪن جي اڳواڻن سان گفتگو مثبت رهي، ايران جي معاملي تي ڪيترن ئي مسلم ملڪن جي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي، ۽ معاهدي کانپوءِ آبنائي هرمز پڻ کولي ويندي. صدر ٽرمپ ٻڌايو ته هن فيلڊ مارشل عاصم منير سان ڳالهايو، جڏهن ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي صدر محمد بن زايد سان پڻ گفتگو ڪئي. ان کان علاوه امير قطر شيخ تميم، قطري وزيراعظم محمد بن عبدالرحمان، ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
معاهدي جي تڪڙ ناهي، ناڪابندي معاهدي تي صحيحون ٿيڻ تائين برقرار رهندي، ٽرمپ
آمريڪي صدرڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آبنائي هرمز ۾ آمريڪي بحري ناڪابندي “ان وقت تائين مڪمل طور لاڳو رهندي جيستائين ايران سان ڪنهن معاهدي تي صحيحون نه ڪيون وينديون”۔ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ٽرٿ سوشل تي هن لکيو ته “ٻنهي ڌرين کي وقت وٺڻ گهرجي ۽ معاملي کي صحيح نموني سان طئي ڪرڻ گهرجي۔ ڪنهن به قسم جي غلطي جي گنجائش نه هجڻ گهرجي!” هن وڌيڪ چيو ته “ايران سان اسان جا لاڳاپا هاڻي وڌيڪ پيشيوراڻا ۽ فائديمند بڻجي رهيا آهن۔” مون ڳالهيون ڪندڙن کي چيو آهي ته معاهدي ڪرڻ جي تڪڙ ناهي وقت اسانجي پاسي آهي.
هرمز تي ايراني ڪنٽرول قبولڻ آمريڪا لاءِ بهتر آپشن آهي، رضائي
ايران جي سپريم ليڊر جي فوجي صلاحڪار محسن رضائي چيو آهي ته هرمز تي ايران جي ڪنٽرول کي قبول ڪرڻ آمريڪا لاءِ “گهٽ ۾ گهٽ خرچ وارو” آپشن آهي۔ ايران جي نيم سرڪاري خابرو ايجنسي تسنيم سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايران وٽ آبنائي هرمز تي پنهنجي خودمختياري لاءِ “مضبوط قانوني ۽ سيڪيورٽي سبب” موجود آهن۔ هن چيو ته “هي انتظام آزاد واپار کي روڪڻ لاءِ ناهي، پر غيرسلامتي ۽ فوجي ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ آهي”۔ رضائي اڳوڻو IRGC ڪمانڊر ۽ ايران جي ايڪسپيڊيئنسي ڪائونسل جو ميمبر به آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته “جنگ جو تسلسل آمريڪي معيشت ۽ قوم کي تباهي جي ڪناري ڏانهن وٺي ويندو”۔ سندس چوڻ هو ته “ان ڪري ايران پاران پيش ڪيل منصفاڻي ڳالهين واري ميز کي قبول ڪرڻ آمريڪا لاءِ گهٽ خرچ وارو رستو آهي”۔
آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تجويز ڪيل معاهدي جا اهم نقطا پڌرا
آمريڪا ۽ ايران هڪ اهم معاهدي جي ويجهو پهچي ويا آهن جنهن تحت 60 ڏينهن جي جنگ بندي ۾ واڌ، آبناءِ هرمز (Strait of Hormuz) جي بحالي ۽ ايران کي آزاداڻي طور تي تيل وڪڻڻ جي اجازت ڏني وڃي سگهي ٿي.آمريڪي خبرون ڏيندڙ اڳجنسي AXIOS جي رپورٽ موجب، آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ مفاهمتي ياداشت (MoU) تي صحيحون ڪيون وينديون جنهن جي مدت 60 ڏينهن هوندي ۽ ان ۾ واڌ پڻ ڪري سگهبي. رپورٽ موجب، معاهدي تحت انهن 60 ڏينهن دوران ايران پاران آبناءِ هرمز کي ڪنهن به ٽول ٽيڪس کانسواءِ بحري اچ وڃ لاءِ کليل رکيو ويندو ۽ ايران آبناءِ هرمز ۾ وڇايل بارودي سرنگهون هٽائڻ تي راضي ٿيندو ته جيئن جهازن جي آزاداڻي نقل و حرڪت بحال ٿي سگهي، جڏهن ته ايران جي جوهري (نيوڪليئر) پروگرام کي محدود ڪرڻ بابت ڳالهيون پڻ جاري رکيون وينديون. خبرون ڏيندڙ ايجنسي جو ٻڌائڻ آهي ته ان جي بدلي ۾ آمريڪا ايراني بندرگاهن تي لڳايل پابنديون نرم ڪندو ۽ ڪجهه معاشي پابندين ۾ ڇوٽ ڏني ويندي ته جيئن ايران عالمي منڊي ۾ آزاداڻي طور تي تيل وڪڻي سگهي. هن قدم سان ايراني معيشت کي فائدو ٿيندو، جڏهن ته عالمي تيل جي مارڪيٽ کي پڻ وڏو ريليف ملڻ جي اميد آهي. آمريڪي اختيارين موجب، معاهدي جو بنيادي اصول ’ڪارڪردگي جي بدلي ريليف‘ هوندو، يعني ايران جيتري تيزي سان آبناءِ هرمز ۾ وڇايل بارودي سرنگهون هٽائيندو ۽ بحري واپار بحال ڪندو، آمريڪا به ان ئي رفتار سان ايراني بندرگاهن تي لڳايل پابنديون نرم ڪندو. ايجنسي جو ذريعن حوالي سان چوڻ آهي ته ايران فوري طور تي منجمد ڪيل فنڊن جي بحالي ۽ مستقل پابندين جي خاتمي جو خواهان هو، پر آمريڪي موقف اهو آهي ته اهي قدم صرف عملي رعايتن کانپوءِ ئي ڪيا ويندا. آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته تجويز ڪيل مفاهمتي ياداشت (MoU) ۾ ايران ان ڳالهه جي يقين دهاني ڪرائيندو ته هو ڪڏهن به جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو، جڏهن ته يورينيم افزائي (enrichment) پروگرام کي معطل ڪرڻ ۽ انتهائي افزوده يورينيم جا ذخيره ختم ڪرڻ بابت پڻ ڳالهيون ٿينديون. ذريعن موجب، ايران ثالثي ڪندڙ ملڪن جي ذريعي آمريڪا کي زباني يقين دهاني ڪرائي آهي ته هو يورينيم جي افزائي کي محدود ڪرڻ ۽ حساس جوهري مواد بابت رعايتون ڏيڻ تي تيار آهي. ايجنسي موجب، آمريڪي اختيارين جو ٻڌائڻ آهي ته خطي ۾ مقرر آمريڪي فوجون 60 ڏينهن جي مدت دوران خطي ۾ ئي موجود رهنديون ۽ صرف حتمي معاهدو طئي ٿيڻ جي صورت ۾ ئي سندن واپسي ٿيندي. رپورٽ موجب، ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تجويز ڪيل معاهدي ۾ لبناني مزاحمتي تحريڪ حزب الله ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ جي خاتمي جو نقطو پڻ شامل آهي. خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب، پاڪستاني ڌر ان معاهدي ۾ مرڪزي ثالث (وچڏيندڙ) طور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهن جي اڳواڻي فيلڊ مارشل عاصم منير ڪري رهيو آهي ۽ فيلڊ مارشل معاهدي کي حتمي شڪل ڏيارڻ جي ڪوششن جي سلسلي ۾ جمعي ۽ ڇنڇر تي تهران ۾ موجود رهيو. رپورٽ موجب، آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته وائيٽ هائوس کي اميد آهي ته باقي معاملا ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ حل ٿي ويندا ۽ معاهدي جو اعلان اڄ آچر جي ڏينهن ڪيو وڃي سگهي ٿو.
ڪوبه اهم فيصلو سپريم ليڊر جي اجازت کان سواءِ نه ٿيندو: ايراني صدر
ايران جي صدر مسعود پزيشڪيان چيو آهي ته آمريڪا سان ممڪنه معاهدي سميت ملڪ جو ڪوبه اهم فيصلو سپريم ليڊر جي منظوري کان سواءِ نه ڪيو ويندو. ايراني خبرون ڏيندڙ اداري موجب، صدر پزيشڪيان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهڙو ڪوبه بيان، تجزيو يا موقف جيڪو معاشري ۾ ٻڌي (تقسيم) پيدا ڪري، اصل ۾ دشمن جي مقصدن کي طاقت ڏيڻ برابر آهي.هن واضع ڪيو ته ملڪ ۾ ڪوبه فيصلو سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي اختيارن کان ٻاهر ۽ سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنائي جي اجازت کانسواءِ نه ٿيندو. صدر پزيشڪيان موجب، رياستي معاملن کي هلائڻ لاءِ هڪ متفقه فيصلي ۽ اجتماعي اطاعت جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن قومي مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ممڪنه ڳالهين ۽ معاهدي بابت عالمي سطح تي اڳڪٿيون جاري آهن.
ايران افزوده يورينيم جي ذخيري تان هٿ کڻڻ تي راضي ٿي ويو: آمريڪي اخبار
آمريڪي اخبار ‘نيويارڪ ٽائمز’ 2 آمريڪي اختيارين جو حوالو ڏيندي دعويٰ ڪئي آهي ته ايران، آمريڪا سان جنگ جي خاتمي لاءِ هڪ ممڪنه معاهدي تحت پنهنجي اعليٰ درجي جي افزوده يورينيم جي ذخيري تان هٿ کڻڻ تي آمادگي ظاهر ڪئي آهي. اختيارين موجب، يورينيم جي ذخيري تان هٿ کڻڻ جا تفصيل ممڪنه معاهدي کانپوءِ شروع ٿيندڙ ڳالهين ۾ طئي ڪيا ويندا. ٻئي طرف، ايراني اختيارين پاران اڃا تائين ان دعويٰ جي تصديق نه ڪئي وئي آهي.
معاهدو ٿيو تڏهن به آبنائي هرمز ايراني انتظاميا جي ڪنٽرول ۾ رهندي: ترجمان خاتم الانبيا هيڊڪوارٽر
خاتم الانبيا هيڊڪوارٽر جي ترجمان ابراهيم ذوالفقاري واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن معاهدو ٿيو تڏهن به آبنائي هرمز (Strait of Hormuz) ايراني انتظاميا جي ئي ڪنٽرول ۾ رهندي. آبنائي هرمز تان ٽرانزٽ، وقتن ۽ ميري ٽائم (بحري) لائسنسن جو جاري ٿيڻ ايراني اختيارين جي ئي هٿ ۾ هوندو.
ايران سان معاهدو اسرائيل لاءِ وڏو سيڪيورٽي چيلنج بڻجي سگهي ٿو: آمريڪي سينيٽر لنزي گراهم
آمريڪي سينيٽر لنزي گراهم چيو آهي ته ايران سان ٿيندڙ معاهدو اسرائيل لاءِ هڪ وڏو سيڪيورٽي چيلنج بڻجي سگهي ٿو.هن چيو ته جنگ بندي جو معاهدو ايران کي هڪ غالب طاقت بڻائي ڇڏيندو ۽ اهڙي صورتحال ۾ ايران جي صلاحيت خطي ۾ مستقل دٻاءُ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ايران جو آبنائي هرمز تي ڪنٽرول ۽ خليجي ملڪن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت انتهائي خطرناڪ آهي.










