ايران سان آزاد واپار کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي: وزيراعظم

ايران سان آزاد واپار کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي: وزيراعظم

پشين (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته اڄ ايراني صدر سان انتهائي مفيد ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي، ايران سان آزاد واپار کي جلد حتمي شڪل ڏينداسين.پشين ۾ پاڪستان-ايران بارڊر تي مشترڪه مارڪيٽ جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي سرحد تي بارڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪيو ويو، بارڊر مارڪيٽ جي قيام سان ترقي ۽ خوشحالي ايندي. مستقبل ۾ واپاري مرڪز تعمير ڪيا ويندا.سندس چوڻ آهي ته مون پنهنجي ڀاءُ ايراني صدر کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني، ايراني صدر چيو آهي ته هو ضرور پاڪستان ايندو.شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ايران ڀائر ۽ پاڙيسري ملڪ آهن، ٻنهي ملڪن کي واپار، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ تيزي سان اڳتي وڌڻ گهرجي.وزيراعظم چيو آهي ته ايران مان بجلي جي ٽرانسميشن بابت ڪافي گنجائش موجود آهي، گڏجي اڳتي وڌنداسين.هن چيو ته سولر انرجي ۾ تمام گهڻي گنجائش آهي، اسان کي تيزي سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، ايراني صدر سان مفيد ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي، تجويزن تي جلد عملدرآمد لاءِ قدم کڻنداسين.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي ٻنهي پاسن تي مارڪيٽون کوليون ويون، ايران ۽ پاڪستان گڏجي ڪري ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ ترقي ۽ خوشيون آڻي سگهن ٿا.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا وفد سولر انرجي جي حوالي سان ايندا، گوادر لاءِ 100 ميگاواٽ پاور ٽرانسميشن لائين جو منصوبو تمام گهڻي دير ۾ هو.وزيراعظم شهباز شريف جو اهو به چوڻ آهي ته گوادر لاءِ 100 ميگا واٽ بجلي جي ٽرانسميشن لائين جو منصوبو کولڊ اسٽوريج ۾ هو، هاڻي گوادر مان روزانو 100 ميگا واٽ بجلي ايران کان پهچندي، جنهن لاءِ ايران سان ٽيرف تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو