’ايران تي حملو سندن خودمختاري ۽ علاقائي سلامتي جي ڀڃڪڙي آهي‘

’ايران تي حملو سندن خودمختاري ۽ علاقائي سلامتي جي ڀڃڪڙي آهي‘

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان طرفان ايران تي ٿيل اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملو، ايران جي خودمختاري ۽ علاقائي سلامتي جي ڀڃڪڙي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، اسرائيل جو ايران تي حملو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي به سنگين ڀڃڪڙي آهي، اهڙن حملن سان علاقائي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچندو آهي، حملن سان خطي ۾ عدم استحڪام خطرناڪ حد تائين وڌي ويندو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسرائيل تڪرار جي وڌڻ ۽ پکيڙجڻ جو ذميوار آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، پاڪستان گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو آهي ته هو خطي ۾ اسرائيل جي لاپرواهي ۽ مجرماڻي ورتاءُ جي خاتمي لاءِ فوري قدم کڻي، عالمي برادري خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو