لنڊن(رپورٽ نِڪ مارش، بي بي سي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊٽرمپ جي ٻئي مدتي حڪومت دوران، واپاري وڏي اعلان کان ٿورو اڳ ئي لکين ڊالرن جون شرطون لڳائيندا رهيا آهن۔ بي بي سي مختلف مالي مارڪيٽن جي ٽريڊنگ ڊيٽا جو جائزو وٺي انهن کي صدر جي اهم بيانن سان ملايو۔ نتيجي ۾ ڏٺو ويو ته هر ڀيري سوشل ميڊيا پوسٽ يا انٽرويو ظاهر ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪ يا منٽ اڳ ٽريڊنگ ۾ اوچتو اضافو ٿيندو رهيو۔
ڪجهه تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته اهو غيرقانوني انسائيڊر ٽريڊنگ جهڙو لڳي ٿو، جنهن ۾ ماڻهو اهڙي ڄاڻ تي شرط لڳائين ٿا جيڪا عام ماڻهن وٽ موجود نه آهي. ٻيا چون ٿا ته معاملو وڌيڪ پيچيده آهي ۽ ڪجهه واپاري هاڻي صدر جي قدمن کي اڳ ئي سمجهڻ ۾ ماهر ٿي ويا آهن۔
هيٺ ڪجهه اهم مثال ڏجن ٿا:
9 مارچ 2026: “جنگ تقريبن مڪمل ٿي وئي آهي”
آمريڪا-اسرائيل ۽ ايران جي جنگ دوران تيل جي مارڪيٽ ۾ وڏيون تبديليون ڏٺيون ويون۔
• 18:29 GMT: تيل تي شرطون اوچتو وڌيون
• 19:16 GMT: ٽرمپ چيو جنگ لڳ ڀڳ ختم آهي
• 19:17 GMT: تيل جي قيمت 25 سيڪڙو ڪري پئي
جڏهن خبر عام ٿي ته جنگ جلد ختم ٿي سگهي ٿي، واپارين تيل وڪڻڻ شروع ڪيو ۽ قيمت تيزي سان ڪري پئي۔ پر ڊيٽا ڏيکاري ٿي ته 47 منٽ اڳ ئي تيل جي قيمت گهٽجڻ تي وڏيون شرطون لڳي چڪيون هيون۔ انهن واپارين کي لکين ڊالر منافعو ٿيو۔
23 مارچ 2026: “مڪمل حل”
ٽرمپ اعلان ڪيو ته واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ ڳالهين ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي۔
• 10:48–10:50 GMT: تيل تي شرطون وڌيون
• 11:04 GMT: اعلان
• 11:05 GMT: تيل 11 سيڪڙو گهٽ
اعلان کان 14 منٽ اڳ ئي غيرمعمولي ٽريڊنگ ٿي رهي هئي، جيڪا ماهرن لاءِ حيران ڪندڙ هئي۔
9 اپريل 2025: لبريشن ڊي” روڪ
ٽرمپ سڄي دنيا تي ٽيڪس (tariffs) لڳايا، جنهن سان مارڪيٽ ڪري پئي۔ پر پوءِ 90 ڏينهن جي روڪ جو اعلان ٿيو (چين کان سواءِ):
• 18:00 BST: اسٽاڪ مارڪيٽ وڌڻ تي شرطون
• 18:18 BST: اعلان
• 18:19 BST: مارڪيٽ تيزي سان وڌي وئي
S&P 500 ۾ 9.5 سيڪڙو واڌ ٿي، جيڪا تاريخي هئي۔
ڪجهه واپارين کي تقريبن 20 ملين ڊالر منافعو ٿيو۔
3 جنوري 2026: نڪولس مادورو گرفتار
هڪ آن لائين اڪائونٽ اڳواٽ شرط لڳائي:
• 2 جنوري: $32,000 شرط
• 3 جنوري: مادورو هٽايو ويو
• نتيجو: $436,000 کٽيا
28 فيبروري 2026: ايران تي حملا
ڇهه اڪائونٽس اڳواٽ شرط لڳائي چڪا هئا ته آمريڪا ايران تي حملو ڪندو: نتيجو: $1.2 ملين منافعو
هڪ اڪائونٽ بعد ۾ جنگبندي تي صحيح شرط لڳائي $163,000 به ڪمائي ورتا۔
قانوني صورتحال
انسائيڊر ٽريڊنگ 1933 کان غيرقانوني آهي،2012 ۾ اهو قانون سرڪاري عملدارن تي به لاڳو ٿيو. پر اڃا تائين ڪنهن کي سزا نه ملي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته: اصل ڄاڻ جو ذريعو ثابت ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي، ان ڪري ڪارروائي ڪرڻ مشڪل ٿي پوي ٿي.










