ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ جي ڪري پاڪستان کان وچ اوڀر ڏانهن پروازون سخت متاثر ٿيون آهن.پاڪستان کان وچ اوڀر ڏانهن اڄ 104 اڏامون رد ڪيون ويون، پر ڪجهه پروازون بحالي جي رستي تي آهن.ڪراچي کان دبئي، دوحا، ابوظهبي، شارجه ۽ بحرين لاءِ 21 اڏامون رد ڪيون ويون، جڏهن ته لاهور کان دبئي، دوحا، شارجه، ڪويت، دمام ۽ ابوظهبي لاءِ 27 اڏامون رد ڪيون ويون.اسلام آباد کان دوحا، ابوظهبي، بحرين، شارجه ۽ دبئي لاءِ 29 اڏامون رد ڪيون ويون، جڏهن ته 14 پروازون روانگي لاءِ تيار آهن. پشاور کان دوحا، ابوظهبي، دبئي، شارجه ۽ جده لاءِ 12 اڏامون رد ڪيون ويون، جڏهن ته 4 شيڊول ٿيل آهن.ملتان کان دوحا، دبئي، شارجه، ابوظهبي ۽ دمام لاءِ 8 اڏامون رد ڪيون ويون، ۽ 7 روانگي لاءِ تيار آهن.فيصل آباد کان دبئي، شارجه ۽ جده لاءِ ست اڏامون رد ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ٻن پروازن جي آپريٽ ٿيڻ جي اميد آهي. ڪوئيٽا کان شارجه ۽ دبئي لاءِ چارئي پروازون اڄ هلائڻ جي اميد آهي.










