حب (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي شهر حب ۾ ايراني پيٽرول کڻي ويندڙ موٽرسائيڪل ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو گداني موڙ ويجهو پيش آيو، حادثي کانپوءِ موٽرسائيڪل ۽ ڪار کي باهه لڳي وئي.پوليس جو چوڻ آهي ته فائر برگيڊ عملو موقعي تي پهچي باهه تي ضابطو آندو پر باهه لڳڻ سبب ڪار ۽ موٽرسائيڪل مڪمل طور تي سڙي رک ٿي وئي.پوليس موجب حادثي ۾ 3 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا آهن، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










