ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ۽ ايران جا گهرا تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار صنعتن واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو ايڪسپو سينٽر ڪراچي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. برادر ملڪ ايران پاران ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ هڪ نمائش منعقد ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي سيڪريٽري صنعت ۽ واپار رشيد سولنگي به صوبائي وزير سان گڏ هو. ايراني قونصل جنرل مهمانن جو استقبال ڪيو. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو. هن ايراني شين ۾ وڏي دلچسپي جو اظهار ڪيو. دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي صنعت ۽ گڏيل امداد کاتن واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته سنڌ ايراني سيڙپڪارن کي ڀليڪار ڪري ٿي. ايراني سيڙپڪارن سنڌ جي اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ صنعتون قائم ڪن. سنڌ حڪومت سندن سرمائي کي مڪمل تحفظ فراهم ڪندي. ڄام اڪرام الله ڌاريجو وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته اهڙيون نمائشون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيارينديون.










