ايران، 2 عورت صحافي جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر گرفتار

ايران، 2 عورت صحافي جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر گرفتار

تحران (ويب ڊيسڪ)ايران ۾ ٻن خاتون صحافين کي آزاد ڪرڻ کانپوءِ ٻيهر فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.عرب ميڊيا موجب نيلوفر حميدي ۽ الاهي محمدي کي ايراني عدالت 13 ۽ 12 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي پر ٻنهي خاتون صحافين کي 17 مهينا جيل ۾ گذارڻ بعد عارضي طور آزاد ڪيو ويو.رپورٽن مطابق ٻنهي خاتون صحافين پنهنجي اخبارن ۾ انهن فسادن جي خبر ڏني هئي جيڪي سيپٽمبر 2022 ۾ پوليس حراست ۾ مهسا اميني جي موت کان پوءِ شروع ٿيا هئا.عرب ميڊيا موجب انهن ٻنهي عورتن کي عدالت ان ڪيس ۾ ڊگهي قيد جي سزا ٻڌائي هئي ۽ ان وقت کان اهي جيل ۾ آهن پر ساڳئي هفتي دوران عدالت انهن کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.رپورٽن مطابق رليز ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي عورتن جون پنهنجن گهروارن سان جشن ملهائيندي تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، جنهن کانپوءِ هاڻي پوليس ٻنهي عورتن تي ايراني ڊريس ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ۽ ننگي سر ٻاهر نڪرڻ جي الزام ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو آهي. ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو