ڪراچي(ويب ڊيسڪ)صحت جي عالمي اداري ’ڊبليو ايڇ او‘جمهوريه ريپبلڪ ڪانگو ۽ يوگنڊا ۾ ايبولا جي وبا کي عالمي سطح تي عوامي صحت لاءِ هنگامي صورتحال قرار ڏئي ڇڏيو آهي۔
اداري چيو آهي ته ڪانگو جي اوڀر واري صوبي اِتُوري ۾ پکڙيل هن وبا ۾ هن وقت تائين لڳ ڀڳ 246 شڪي ڪيس ۽ 80 موت رپورٽ ٿيا آهن، پر اها صورتحال اڃا عالمي وبا جي معيار تي پوري نٿي لهي۔
تنهن هوندي به، اداري خبردار ڪيو آهي ته هي وبا موجوده انگن کان گهڻي وڏي ٿي سگهي ٿي، ۽ ان جي مقامي توڙي علائقائي سطح تي پکڙجڻ جو وڏو خطرو موجود آهي۔
صحت واري اداري موجب موجوده ايبولا وائرس “بونڊي بگيو” قسم جي وائرس سبب پکڙجي رهيو آهي، جنهن لاءِ هن وقت ڪا منظور ٿيل دوا يا ويڪسين موجود ناهي۔
شروعاتي علامتن ۾ بخار، عضبن ۾ سور، ٿڪاوٽ، مٿي جو سور ۽ ڳلي ۾ تڪليف شامل آهن، جڏهن ته بعد ۾ الٽيون، دست، جسم تي داڻا ۽ رت وهڻ جون علامتون ظاهر ٿين ٿيون۔
ڊبليو ايڇ او موجب هن وقت وائرس جا اٺ ليبارٽري ذريعي تصديق ٿيل ڪيس سامهون آيا آهن، جڏهن ته ٻين شڪي ڪيسن ۽ موتن جا اطلاع ٽن صحت وارن علائقن مان مليا آهن، جن ۾ بونيا، جيڪو اِتوري صوبي جو گادي وارو شهر آهي، ۽ سون جي کاڻين وارا شهر مونگ والو ۽روامپارا شامل آهن۔
وائرس جو هڪ ڪيس گادي واري شهر ڪنشاسا ۾ به تصديق ٿيو آهي، جيڪو غالباً اِتوري مان واپس ايندڙ مريض ۾ ظاهر ٿيو۔
ڊبليو ايڇ او چيو آهي ته وائرس ڪانگو کان ٻاهر به پکڙجي چڪو آهي، ۽ پاڙيسري ملڪ يوگنڊا ۾ به ٻه تصديق ٿيل ڪيس رپورٽ ٿيا آهن۔ يوگنڊا جي عملدارن موجب خميس ڏينهن فوت ٿيندڙ 59 ورهين جو هڪ شخص ايبولا وائرس ۾ مبتلا هو۔
يوگنڊا جي حڪومت بيان ۾ چيو ته فوت ٿيندڙ شخص ڪانگو جو شهري هو، ۽ سندس لاش اڳ ئي واپس ڪانگو موڪليو ويو آهي۔
خابرو اداري اي ايف پي موجب اوڀر واري شهرگوما ۾ به ايبولا جو هڪ ڪيس تصديق ٿيو آهي، جيڪو هن وقت ’ايم 23‘ باغين جي قبضي هيٺ آهي۔
ڊبليو ايڇ او چيو ته ڪانگو ۾ جاري بدامني، انساني بحران، آبادي جي وڏي اچ وڃ، وبا واري علائقي جو شهري هجڻ ۽ غير رسمي صحت مرڪزن جي وڏي انگ سبب وائرس جي وڌيڪ پکڙجڻ جو خطرو وڌي ويو آهي۔ ڪانگو سان لڳندڙ پاڙيسري ملڪ واپار ۽ سفر جي ڪري وڌيڪ خطري ۾ سمجهيا پيا وڃن۔
ڊبليو ايڇ او صلاح ڏني آهي ته ڪانگو ۽ يوگنڊا هنگامي آپريشن مرڪز قائم ڪن ته جيئن نگراني، مريضن جي سڃاڻپ ۽ انفيڪشن روڪڻ جا قدم کنيا وڃن۔
صحت واري اداري چيو ته وائرس جي پکڙجڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ تصديق ٿيل مريضن کي فوري طور الڳ ڪري علاج ڪيو وڃي، ۽ گهٽ ۾ گهٽ 48 ڪلاڪن جي وقفي سان ٿيل ٻن ٽيسٽن ۾ نتيجا منفي اچڻ تائين نگراني هيٺ رکيو وڃي۔
ڪانگو ۾ 2018 کان 2020 تائين ٿيندڙ ايبولا جي سڀ کان خطرناڪ وبا دوران لڳ ڀڳ 2300 ماڻهو فوت ٿيا هئا۔
ڊبليو ايڇ او چيو ته جن ملڪن جي سرحدن ڀرسان وائرس جا ڪيس موجود آهن، انهن کي نگراني ۽ صحت بابت رپورٽنگ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ گهرجي۔
اداري وڌيڪ چيو ته متاثر علائقن کان ٻاهر وارن ملڪن کي پنهنجون سرحدون بند نه ڪرڻ گهرجن ۽ نه ئي سفر يا واپار تي پابنديون لڳائڻ گهرجن، ڇو ته “اهڙا قدم اڪثر خوف سبب کنيا ويندا آهن ۽ انهن جو سائنسي بنياد ناهي هوندو۔”
ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس اڌانوم گيبرياس خبردار ڪيو ته هن وقت وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جي حقيقي انگ ۽ ان جي جاگرافيائي پکڙجڻ بابت “وڏي غير يقيني صورتحال” موجود آهي۔
ايبولا وائرس ڇا آهي ۽ ڪيئن پکڙجي ٿو؟
ايبولا هڪ خطرناڪ ۽ اڪثر موتمار وائرس سبب ٿيندڙ بيماري آهي۔ هن وائرس جا ٽي قسم اهڙا آهن جيڪي وبائون پيدا ڪن ٿا، ۽ موجوده وبا “بونڊي بگيو” قسم جي وائرس سبب پکڙجي رهي آهي۔
هي وائرس متاثر ماڻهن جي جسماني رطوبتن جهڙوڪ رت يا الٽين ذريعي هڪ ماڻهو کان ٻئي ماڻهو تائين منتقل ٿئي ٿو۔
ماضي ۾ بونڊي بگيو ايبولا وائرس جي وبائن ۾ لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو متاثر ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن۔
هن بيماري جون علامتون وائرس لڳڻ کان ٻن کان 21 ڏينهن اندر ظاهر ٿي سگهن ٿيون۔ شروعاتي علامتون اوچتو ظاهر ٿين ٿيون ۽ فلو جهڙيون هونديون آهن، جهڙوڪ بخار، مٿي جو سور ۽ ٿڪاوٽ۔ بيماري وڌڻ سان الٽيون، دست، جسماني عضون جي ڪمزوري ۽ ڪجهه مريضن ۾ اندروني يا ٻاهرين رت وهڻ جون علامتون پيدا ٿين ٿيون۔ ايبولا عام طور متاثر جانورن، خاص طور ميوو کائيندڙ چمڙن کان انسانن ۾ منتقل ٿئي ٿو۔
“زئير” قسم جي ايبولا لاءِ ويڪسين موجود آهي، پر بونڊي بگيو قسم لاءِ اڃا ڪا ويڪسين موجود ناهي۔
ايبولا پهريون ڀيرو 1976ع ۾ موجوده ڪانگو ۾ دريافت ٿيو هو، ۽ خيال ڪيو وڃي ٿو ته اهو چمڙن ذريعي پکڙيو هو۔ هي ملڪ ۾ هن موتمار وائرس جي 17هين وبائي لهر آهي۔
ڊبليو ايڇ او موجب ايبولا جو ڪو پڪو علاج موجود ناهي، جڏهن ته ان جي اوسط موت جي شرح لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو آهي۔
Africa Centres for Disease Control and Prevention اڳ ۾ ئي خبردار ڪيو هو ته روامپارا ۽ بونيا جهڙن شهري علائقن ۽ مونگووالو ۾ کاڻين جي سرگرمين سبب وائرس جي وڌيڪ پکڙجڻ جو وڏو خطرو آهي۔
اداري جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر Jean Kaseya چيو ته متاثر علائقن ۽ پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ “وڏي پيماني تي ماڻهن جي اچ وڃ” سبب علائقائي سهڪار انتهائي ضروري بڻجي ويو آهي۔
گذريل 50 سالن دوران آفريقي ملڪن ۾ ايبولا وائرس سبب لڳ ڀڳ 15 هزار ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن۔
گذريل سال به هڪ ڏورانهين علائقي ۾ پکڙيل وبا سبب 45 ماڻهو فوت ٿيا هئا۔










