حيدرآباد(ن سنڌيار)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي قاسم آباد جي ڳوٺن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرين ۾ راشن تقسيم ڪيو ان موقعي تي ڳوٺاڻن سان ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپٽ نااهل حڪمرانن کي سنڌ جو تڪليفون ڇو نٿيون نظر اچن۔ برساتن، سم نالين جي گھارن ۽ ھٿرادو ھنيل ڪٽن جي ڪري سڄي سنڌ تباھ ۽ برباد ٿي وئي آهي امير سنڌ جا ماڻهو دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن نوي سيڪڙو سنڌ جو نقصان ٿيو آھي۔ پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ ڪري زرعي معيشت کي اربين روپين جو نقصان ٿيو آھي۔ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت نقصان جي ازالي لاء ڪنھن بہ پيڪيج جو اعلان ناھي ڪيو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ خيرپور حيدرآباد، بدين، سجاول، ٺٽو، عمرڪوٽ ميرپورخاص، سانگھڙ،نواب شاھ سميت ٻيا ضلعا بہ برساتن ۽ سم نالين جي گھارن سبب سخت متاثر ٿيا آھن۔ اياز لطيف پليجو چيو تہ برسات متاثرين جا ٻار بک ۾ تڙپي رھيا آھن، سرڪار گڏجاڻيون ڪري وقفي وقفي سان بيان جاري ڪري رھي آھي خيما، راشن ٻيو سامان اقتداري وڏيرن، وزيرن، ايم پي ايز، ايم اين ايز، سينيٽرن، پارٽي عھديدارن جي گودامن، آفيسرن ۽ بنگلن ۾ وڃي رھيا آھن۔اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي ٽيڪس تي حڪومت ھلي ٿي۔ سنڌ کي خيرات نہ حق گھرجي۔ حڪومتي، انتظامي نااھلي ۽ اقراپروري جي ڪري عوام ۾ محرومي جو احساس جنم وٺي ٿو۔ اھا روش تبديل ڪئي وڃي سنڌ جي برساتن ٻوڏ ۽ سم نالين جي گھارن سبب متاثر سمورن ضلعن جي بحالي ۽ ٻيھر انھن کي ٻوڏ جي صورتحال کان بچاء لاء منصوبابندي ڪئي وڃي۔










