ملير(ن سنڌيار)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي شھيد غزالا بتول صديقي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي دعا گھري. قومي عوامي تحريڪ طرفان شھيد غزالا بتول صديقي، ستار انڙ، شبير بليدي، سرور بلوچ ۽ اعجاز بلوچ سميت 22 مئي جي شھيدن جي 10ھين ورسي ۽ جلسي عام پپري جي فٽبال گرائونڊ ملير ۾ منعقد ڪيو ويو عام جلسي ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيو، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، اشفاق چنڙ، فرحان لاڙڪ، منان شيخ، فياض اتيرو، لياقت جھتيال، حاجن جوڳي، ڪاشف خاصخيلي، سينگار بليدي، سنڌياڻي تحريڪ جي زينت سمون، ناھيد جوڳي، شيربانو راھوجو، راحيلا لاڙڪ، لايئر فورم جي وڪيلن ايڊووڪيٽ ديدار چانڊيو ايڊووڪيٽ اختيار چنا، نصرالله کوسو، سلامت گاڏھي، شاھنواز ڀنڊ معروف خاصخيلي، منور برھماڻي ۽ حسين سنڌي سميت سوين سنڌياڻين ۽ ماڻهن شرڪت ڪئي جلسي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ شھيد غزالا بتول صديقي، ستار انڙ، شبير بليدي، سرور بلوچ ۽ اعجاز بلوچ سميت 22 مئي جي شھيدن عالمي سامراجي دھشتگردن سان وڙھندي پنھنجي سنڌ وطن لاءِ جان ڏني. 22 مئي جا شھيد سنڌ جون سورميون ۽ سورما آھن. محبت سنڌ ريلي ايم ڪيو ايم جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿي. پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ انھي لاش کي وري زندھ ڪري رھي آھي. عمران خان دھشتگردن کي نفيس ماڻھو ڊڪليئر ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ٽوڙڻ جي سازش خلاف لکين ماڻھن عورتن ۽ ٻارن سان گڏجي لياري ۾ چيل چوڪ تي گڏ ٿي پريس ڪلب طرف پرامن مارچ ڪيو تہ عالمي طاقتن جي ايجنٽ ايم ڪيو ايم جي دھشتگردن انھن معصوم ماڻھن تي خطرناڪ ھٿيارن سان حملو ڪري شھيد غزالا بتول صديقي، ستار انڙ، شبير بليدي، سرور بلوچ ۽ اعجاز بلوچ سميت قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ھٿين خالي ڪارڪنن کي شھيد ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ جن دھشتگردن سنڌ ۾ نفرت جي سياست ڪئي، اردو ڳالھائيندڙ، سنڌي ڳالھائيندڙ ۽ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ ڀائرن کي پاڻ ۾ ويڙھايو. بيگناھ ماڻھن جو خون وھايو، انھن دھشتگردن جو سربراھ تاريخ جي ڪٻاڙخاني ۾ دفن آھن، ان کانپوءِ سنڌ ۾ امن آھي، واپاري خوف ۾ ناھن، شھري دٻاءُ ۽ حراس ۾ ناھن. سنڌ ۾ رھندڙ اڳ ۾ بہ پاڻ ۾ ڀائر ھئا ۽ اڄ بہ ڀائر آھن، انھن کي ڪير بہ الڳ نٿو ڪري سگھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ تي ڪوبہ ڊيم، ڪئنال يا ڪٽ سنڌ کي ۽ قومي عوامي تحريڪ کي قبول ناهي. پاڻي جي وزارت پيپلز پارٽي کي ملڻ کانپوءِ سنڌ ۾ ڏڪار آھي. ماڻھو پاڻي ڍڪ لاءِ پريشان آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌوءَ تي ڊيم ٺاھڻ سان پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ۽ سنڌي قوم جي معاشي تباھي سان گڏ سمنڊ سنڌ جي زمين ڳڙڪائي ويندو. پنجاب 150 سالن کان سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻي پاڻي چوري ڪري رھيو آھي، چشما جھلم، تونسا پنجند ۽ ٿل ڪئنال ڌاڙيل واھ آھن، جنھن ذريعي سنڌ جو پاڻي 12 مھينا چوري ڪيو وڃي ٿو. سنڌ کي حصي جو پاڻي نہ ملڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول، بدين جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. ڪوٽڙي کان ھيٺ سنڌو درياھ ۾ پاڻي ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري درياھ جي ٻنھي پاسن تي ويٺل لکين آبادي برباد ٿي وئي آھي، خوشحال ماڻھو بدحال ٿي ويا آھن. مڇي، پلو ۽ ٻي آبي جيوت ختم ٿي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حصي جو پاڻي نہ ڏئي سنڌ جو معاشي قتل ڪيو ويو آھي. سڄي سنڌ ۾ لکين آباد زمينون بنجر ٿي ويون آھن. انڊس رور سسٽم ۾ ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جيڪو پاڻي موجود آھي، ان تي پنجاب جو قبضو آھي، عالمي قانون تحت پاڻي تي پھريون حق پڇڙي وارن جو آھي پر افسوس جو سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي ٿو اھو حڪمران پنھنجي زمينن لاءِ زبردستي کڻي وڃن ٿا، جنھن ڪري ننڍا آبادگار، پڇڙي جا آبادگار پاڻي ڍڪ لاءِ پريشان آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ مهانگائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. پئٽرول، بجلي، گئس جون قيمتون آسمان کي پھچي ويون آھن. سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو ٽارگيٽ پورو نہ ڪيو، جنھنڪري اٽي جو بحران ٿي رھيو آھي. غريب مسڪين لاءِ 2 وقت جي ماني ملڻ بہ مشڪل ٿي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن وٽ ڪا بہ معاشي پاليسي ناھي، آئي ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي عوام دشمن معاشي پاليسيون مڙھيون ويون آھن، جنھنڪري سنڌ ۾ غربت، بدحالي ۽ بک آھي. اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ پيپلز پارٽي اقتدار جي عارضي مفادن لاء سنڌ جي پٺ ۾ خنجر ھنيو آھي۔ پيپلز پارٽي ن ليگ کي چئي ايم ڪيو ايم سان نوان صوبا ٺاھڻ جو ٺاھ ڪري سنڌ ٽوڙڻ جي سازش ڪئي آھي۔ پيپلز پارٽي سنڌ جي راڄ ڌاني ۽ حيدرآباد انتظامي طور ايم ڪيو ايم حوالي ڪيا آھن، ھنن آئي جي سنڌ، چيف سيڪريٽري ۽ اھم وزاتون دھشتگردن مافيا کي ڏئي سنڌ جو سودو ڪيو آھي۔ غدار حڪمران اقتدار ۽ پئسن لاء ڪنھن بہ حد تائين وڃي سگھن ٿا۔ پ پ ۽ پي ڊي ايم عمران خان کي اقتدار مان لاھڻ لاء جيڪو بہ ڪن، سندن مرضي پر سنڌ جي سوديبازي جي مزاحمت ڪنداسين۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ پ پ، ن ليگ ۽ پي ڊي ايم جي ايم ڪيو ايم سان معاهدي کي مڪمل رد ڪريون ٿا۔ هن معاهدي سان سنڌ جي تاريخي حقن ۽ اختيارن جي ورڇ ڪئي وئي آهي. سنڌ جي جاگرافيائي وحدت، سنڌين جي بنيادي انساني حقن، اختيارن ۽ نوڪرين جي ورهاست جو ڪنھن کي بہ اختيار ناھي۔ ايم ڪيو ايم پهرين ڏينهن کان سنڌ جي خلاف سازشون ڪندي رهي آھي. موجوده معاهدي ۾ بہ لساني بنيادن تي سنڌ جي وحدت لاءِ چٽي طرح گهر ڪري هڪ دفعو ٻيهر ثابت ڪيو آهي تہ ايم ڪيو ايم جي سياست سنڌ جي قومي وحدت ۽ ڌرتي ڌڻين جي قومي مفادن جي خلاف آهي. اقتدار بچائڻ ۽ حاصل ڪرڻ جي هن جنگ ۾ سنڌ جي حقن ۽ اختيارن جو سودو ڪرڻ جي ڪنهن کي بہ اجازت نہ ڏينداسين. ماضي ۾ ساڳي پ پ پ، ايم ڪيو ايم جي چوڻ تي سنڌ مٿان ٻٽو مڪاني نظام مڙهيو تہ سڄي سنڌ سراپا احتجاج ٿي وئي نيٺ انهن کي اهو نظام واپس وٺڻو پيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ هڪ دفعو ٻيهر ايم ڪيو ايم جي مٿان هٿ رکي کيس سنڌ مٿان مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔ پ پ، ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جو معاھدو انتهائي خطرناڪ ۽ سنڌ مٿان وار آھي. سنڌ جي ماڻهن کي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ بچائڻ لاءِ متحد ۽ منظم ٿي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي.










