ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايئرپورٽ حملي ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن کي سي ٽي ڊي اهلڪارن دهشتگردي جي خاتمي واري انتظامي عدالت ۾ پيش ڪيو،عدالت ٻن جوابدارن جاويد ۽ گل نيسا کي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو،جوابدارن کي سخت سيڪيورٽي ۾ منهن ڍڪي عدالت ۾ آندو ويو،جوابدارن کي هٿياربند گاڏي ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت آندو ويو، سي ٽي ڊي اختيارين چيو ته جوابدار جاويد حملي جو ماسٽر مائينڊ آهي، عورت جوابدار گل نسا سهولتڪاري ۾ ملوث آهي، عدالت جوابدارن کان جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ جي گهرو کاتي جوابدارن جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي










