اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ٽريفڪ پوليس او آءِ سي ڪانفرنس لاءِ ٽريفڪ پلان جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ٽريفڪ پوليس موجب ريڊ زون کي 21 کان 24 مارچ تائين عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. ٽريفڪ پوليس جي ترجمان موجب سرينگر چوڪ، اسٽيٽ بئنڪ چوڪ، ايڪسپريس چوڪ ۽ ايوب چوڪ کي عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويندو، ان ڪري پبلڪ ٽرانسپورٽ لاءِ متبادل رستن جو استعمال ڪيو وڃي. ٽريفڪ پوليس جو چوڻ آهي ته ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ لاءِ رڳو مارگلا روڊ استعمال ٿي سگهي ٿو، شهري ڪنهن به ڏکيائي کان بچڻ لاءِ غير ضروري سفر کان پاسو ڪن.ياد رهي ته او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ مهمانن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.










