غوثپور (ن س) غوثپور ويجهو ڳوٺ فاضل اوڳاھي ۾ اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ چوپائي مال جي ڦر تان ھلندڙ تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر ڀڙڪي اٿيو آهي۔ اوڳاهي برادري جي ماڻهن پاران شهر جي بس اسٽينڊ تان ويگن مان لهندڙ تيغاڻي برادري جي هڪ ڄڻي عبدالرشيد تيغاڻي کي يرغمال بڻائي اڻڃاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي۔ واضح رهي ته هڪ هفتو اڳ تيغاڻي برادري جي هٿياربندن ميرواھ واري علائقي ۾ ڪاھ ڪندي غوثو اوڳاهي کان ھٿيارن جي زور تي چوپايو مال/ست ڍور ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا۔ جنهن کانپوءِ اڄ اوڳاهي برادري جي ماڻهن پلاند ۾ رستي ويندڙ عبدالرشيد تيغاڻي کي يرغمال بڻائي کيس کڻي اڻڃاتل هنڌ گم ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي ۽ خونريزي جا امڪان وڌي ويا آھن۔










