اوگرا جي هدايت رد، پي آر ايل 20 ڏينهن بند ڪرڻ جو اعلان

اوگرا جي هدايت رد، پي آر ايل 20 ڏينهن بند ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ (پي آر ايل) 10 ڊسمبر کان تقريبن 20 ڏينهن لاءِ پنهنجو آپريشن بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪمپني جمعي تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) کي موڪليل هڪ نوٽيس ۾ ٻڌايو آهي ته مرمت لاءِ ائين ڪرڻ ضروري آهي. ياد رهي ته آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پي آر ايل کي ڊسمبر 2022 ۾ بند ڪرڻ کان روڪيو هو ته جيئن سياري جي مهينن ۾ ڊيزل جون ضرورتون پوريون ڪري سگهجن. اوگرا پنهنجي خط ۾ پي آر ايل کي هدايت ڪئي هئي ته هو اڳوڻين هدايتن تي سختي سان عمل ڪري ۽ بهترين قومي مفاد ۾ فيبروري 2023ع تائين شٽ ڊائون کان پاسو ڪري. 1960 ۾ قائم ٿيل هي ريفائنري روزانو 50 هزار بيرل ڪچو تيل صاف ڪري پيٽرول، ڊيزل ۽ فرنيس آئل سميت مختلف شيون پيدا ڪندي آهي. ڪورنگي ڪريڪ ۾ قائم ڪيل هن ريفائنري جو اسٽوريج ڪياماڙي ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو