اوٻاڙو )ن س )گهوٽڪي جي اوباڙو تعلقي اسپتال ۾ هڪ مريض مبينا غفلت سبب فوت ٿي ويو.وارثن موجب مريض کي گذريل رات اسپتال آندو ويو هو. وارثن الزام هنيو آهي ته بهتر طبي امداد ۽ وقت تي ايمبولينس نه ملڻ سبب مريض فوت ٿيو.اسپتال جي ايم ايس جو چوڻ آهي ته جاچ ڪريون پيا، ڊرائيور ۽ ڊاڪٽر جي غفلت ثابت ٿي ته ڪارروائي ڪئي ويندي.










