اهڙي سياست کان اتفاق نٿو ڪريان، جتي اڄ(ن) ليگ بيٺل آهي

اهڙي سياست کان اتفاق نٿو ڪريان، جتي اڄ(ن) ليگ بيٺل آهي

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪي تاريخ جون تڪراري چونڊون ٿي رهيون آهن جتي تڪراري چونڊون ٿينديون اهو ملڪ اڳيان نٿو وڌي سگهي. ٽئي وڏيون پارٽيون ناڪام ٿي چڪيون آهن، مان اهڙي سياسي کان اتفاق نٿو ڪريان جتي اڄ(ن) ليگ بيٺل آهي.اينٽي ڪرپشن راولپنڊي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي ڪوآرڊينيٽر حافظ عثمان کي روڊن جي منصوبن ۾ مبينه ڪرپشن جي انڪوائري لاءِ طلب ڪيو ته شاهد خاقان عباسي به ٻين ڪارڪنن سان گڏ اينٽي ڪرپشن ڊائريڪٽوريٽ پهچي ويو. اينٽي ڪرپشن راولپنڊي ۾ پيش ٿيڻ پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته گذريل حڪومت ۾ به گهڻا دعوت ناما ايندا رهيا. 2 ڏينهن اڳ ڪوآرڊينيٽر حافظ عثمان کي اينٽي ڪرپشن طلب ڪيو. سمجهان ٿو ڪوآرڊينيٽر جيڪو پبلڪ آفيس هولڊر ئي نه آهي ان کي طلب ڪرڻ جو مقصد مون کي طلب ڪرڻ آهي. مون اچي پڇيو ته سادي ڪاغذ تي لکيل هو ته ٻن روڊن جا ٺيڪا من پسند ٺيڪيدارن کي ڏنا جنهن تي کاتي کان پڇيو ته روڊ ٺهيل ئي نه آهن.هن چيو ته اهي پي ٽي آءِ جي دور ۾ ٺهيا هئا. انهن کي ٻڌايو ته گورنمنٽ ملازم نه آهي نه ئي ٺيڪيدار آهي اها بدنصيبي آهي ته چونڊون ٿي رهيون آهن ۽ اميدوارن کي طلب ڪيو پيو وڃي جنهن ملڪ جون چونڊون تڪراري ٿي وڃن اهو اڳيان نٿو وڌي سگهن. چونڊن کي غير تڪراري بنائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت جي آهي. اهڙيون چونڊون جيڪي ملڪ کي انتشار ڏين ان جو حصو نٿو ٿي سگهان اهڙي معاملي ۾ مان مطمئن آهيان.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته چونڊون هڪ آئيني فرض آهي ان کي منعقد ڪرڻ وقت جي حاڪم جي ذميواري آهي چونڊن جي پرواهه نه هوندي ته ملڪ ترقي نه ڪندو. نيب ۽ اينٽي ڪرپشن ملڪ جا ڪرپٽ ترين ادارا بڻجي چڪا آهن انهن جو احتساب ڪير ڪندو؟ اهي ٻئي ادارا چونڊن جي جوڙ توڙ جي لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن. 1947ع کان وٺي هينئر تائين ملڪ جو هر اليڪشن چوري ڪيو ويو.هن چيو ته نوٽيس ڏئي گهرائڻ، زبردستي ووٽ وٺڻ، ان سان ملڪ نه هلندو. 3 وڏيون پارٽيون ناڪام ٿي چڪيون آهن. ڪابه نئين سياسي پارٽي اهڙي ماحول ۾ نه بڻجندي. اڄ به وقت آهي هن چونڊن کي غير تڪراري بنايو، چونڊون شفاف نظر اچن ۽ عوام به مطمئن هجي. هن وقت هر ڪو اهو سوال ڪري رهيو آهي ته ڇا چونڊون ٿي رهيون آهن؟ شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته نواز ليگ سان منهنجو ڪوبه اختلاف نه آهي مان 35 سالن کان نوازليگ سان جڙيل آهيان. مان اهڙي سياست سان اتفاق نٿو ڪريان جتي اڄ مسلم ليگ(ن) بيٺل آهي منهنجي مسلم ليگ(ن) سان ڪابه ناراضگي نه آهي مون ٽڪيٽ جي لاءِ اپلاءِ نه ڪيو ن ليگ جي خلاف ڪابه اليڪشن ناهي وڙهي نوازشريف ملڪ مان واپسي تي مون سان ڪنهن به قسم جو رابطو نه ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو