اهڙو نظام آ ڻيون پيا جيئن صحافين کي وقت تي پگهارون ملن،شبلي فراز

اهڙو نظام آ ڻيون پيا جيئن صحافين کي وقت تي پگهارون ملن،شبلي فراز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) اطلاعات واري وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوشان آهي. اهڙو نظام آڻي رهيا آهيو جنهن سان صحافين کي وقت تي پگهارون ملن.تقريب کي خطاب ڪندي شبلي فراز چيو ته حڪومت جي سٺي ڪم جي تعريف  ۽ غلطين جي نشاندهي ڪئي وڃي. پريس ڪلب جي ميمبرشپ کي صاف شفاف بنايو وڃي. صحافين جي تحفظ جي حوالي سان پارليامينٽ ۾ بل آڻي رهيا آهيون.سينيٽر شبلي فراز چيو ته صحافين جي پگهارن جو معاملو سنجيده اشو آهي. صحافين جي تحفظ لاءِ آندل بل کي اسيمبلي ۾ اپوزيشن رد ڪري ڇڏيو. اپوزيشن جي قدم سان مون کي ڪافي تڪليف پهتي.هن چيو ته نئين دور جي  تقاضن کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي. اڄ جي دور ۾ جنهن وٽ ڪيمره ۽ فون آهي  اهو صحافي آهي صحافي جي جسماني ۽ مالي سيڪيورٽي  لاءِ حڪومت پرعزم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو