انگلينڊ جي ڊفينڊر جيريل ڪوانساه ٻن ميچن لاءِ معطل

انگلينڊ جي ڊفينڊر جيريل ڪوانساه ٻن ميچن لاءِ معطل

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي محافظ جيريل ڪوانساه کي ميڪسيڪو خلاف ميچ دوران ريڊ ڪارڊ ملڻ سبب ٻن ميچن لاءِ معطل ڪيو ويو آهي. ڪوانساه کي ميچ جي 54هين منٽ ۾ جيسس گاياردو تي خطرناڪ ٽيڪل ڪرڻ سبب ميدان مان ٻاهر موڪليو ويو هو، جڏهن انگلينڊ اهو مقابلو 2-3 تان کٽيو هو.ان واقعي کي سنگين فاؤل راند قرار ڏنو ويو، جنهن سبب بائر ليورڪوزن سان تعلق رکندڙ رانديگر کي خودڪار هڪ ميچ جي پابندي کان علاوه فيفا جي ڊسيپلينري ڪميٽي طرفان هڪ اضافي ميچ جي پابندي پڻ لاڳو ڪئي وئي. 23 ورهين جو اڳوڻو ليورپول رانديگر هاڻي ڇنڇر تي ناروي خلاف ٿيندڙ ڪوارٽر فائنل ۽ جيڪڏهن انگلينڊ ڪامياب ٿيو ته ارجنٽينا يا سوئٽزرلينڊ خلاف امڪاني سيمي فائنل ۾ به نه کيڏي سگهندو. جيڪڏهن انگلينڊ 19 جولاءِ تي نيو جرسي ۾ ٿيندڙ فائنل تائين پهچي ويو ته ڪوانساه ان ميچ لاءِ دستياب هوندو. فٽبال ايسوسيئيشن (ايف اي) پابندي خلاف اپيل تي غور ڪري رهي هئي، پر ٽورنامينٽ جي ضابطن موجب هن پابندي کي چئلينج ڪرڻ جو ڪو به قانوني رستو موجود ناهي. ڪوانساه جي سزا کي آمريڪا جي فارورڊ فولارن بالوگن سان ٿيل مختلف سلوڪ جو هڪ ٻيو مثال قرار ڏنو پيو وڃي. بالوگن کي بوسنيا ۽ هرزيگووينا خلاف ميچ دوران پڻ سنگين فاؤل راند تي ريڊ ڪارڊ مليو هو، جنهن تي کيس به ٻن ميچن جي پابندي ملڻ گهرجي ها. 25 ورهين جو اسٽرائيڪر بيلجيم خلاف پري ڪوارٽر فائنل ميچ کان ٻاهر ٿيڻ وارو هو، پر فيفا حيران ڪندڙ فيصلو ڪندي کيس صرف هڪ ميچ لاءِ معطل ڪيو، جڏهن ته ٻي ميچ جي پابندي 12 مهينن لاءِ معطل ڪري ڇڏي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تصديق ڪئي ته هن فيفا جي صدر جياني انفانٽينو سان رابطو ڪري بالوگن کي ڏيکاريل ريڊ ڪارڊ جو ٻيهر جائزو وٺڻ جي درخواست ڪئي هئي. بالوگن واري معاملي بابت 871 لفظن تي ٻڌل بيان ۾ فيفا چيو ته اهو فيصلو “واقعي سان لاڳاپيل سمورين مخصوص حالتن ۽ موجود ثبوتن کي نظر ۾ رکندي” ڪيو ويو، پر هن اها وضاحت نه ڪئي ته ڪهڙن عنصرن کي بنياد بڻايو ويو. ان فيصلي تي فٽبال حلقن ۾ وڏي تنقيد ڪئي وئي، جنهن ۾ يوئيفا، بيلجيم ۽ انگلينڊ جي هيڊ ڪوچ ٿامس ٽوخل پڻ شامل هئا. ان کان پوءِ فرانس پاران پيراگوئي خلاف فتح دوران مائيڪل اوليسي کي ڏيکاريل ييلو ڪارڊ خلاف به اپيل داخل ڪئي وئي، پر فيفا ان کي رد ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو