انگلينڊ جي دوري لاءِ چارٽرڊ فلائيٽ ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) انگلينڊ جي دوري لاءِ لاهور مان چارٽرڊ فلائيٽ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب لاهور مان چارٽرڊ فلائيٽ جي ڪري انگلينڊ رواني جي شيڊول ۾ تبديلي ڪري سگهجي ٿي ۽ پاڪستان ۾ موجود ڪوچز توڙي رانديگر 23 جون تي هاڻ انگلينڊ نه ويندا. چارٽرڊ فلائيٽ 25 جون جي صبح لاهور مان ڪوچز ۽ رانديگرن کي کڻي ابوظهبي ويندي، پي ايس ايل کيڏندڙ رانديگر ابوظهبي مان چارٽرڊ فلائيٽ تي سوار ٿيندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته چارٽرڊ فلائيٽ ذريعي قومي ٽيم جو اسڪواڊ 25 جون تي ابوظهبي مان مانچسٽر پهچندي، جڏهن ته ٽيسٽ اسڪواڊ جا رانديگر جولاءِ جي آخر ۾ ڪمرشل فلائيٽ ذريعي ويسٽ انڊيز ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو